ڀٽ شاهه کان نڪتل شاگرد مارچ جي مٽياري ۾ رستا روڪ، چڪريون، لٺبازي، 25 گرفتار ۽ آزاد

ڀٽ شاهه کان نڪتل شاگرد مارچ جي مٽياري ۾ رستا روڪ، چڪريون، لٺبازي، 25 گرفتار ۽ آزاد

مٽياري(رپورٽر) ڀٽ شاھه کان پيادل نڪتل سنڌ شاگرد مارچ مٽياري پهتو، جتي پوليس جي وڏن اٽالن کين پريس ڪلب ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ لٺبازي ڪئي، ان دوران چڪريون/ڏسو صفحو 2 بقايا 59

 ٿي پيون، جنهن 25 کان وڌيڪ شاگردن کي پوليس گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ 9 نومبر تي ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان رٿيل جلسي لاءِ نڪتل ريلي ۾ شاگرد تنظيمن جا اڳواڻن توڙي شاگرد عورتون وڏي تعداد ۾ شامل آھن. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز پاران سنڌ شاگرد مارچ ريلي مٽياري پھچڻ تي شاگرد تنظيم اڳواڻن پاران استقبال ڪيو ويو،  جڏهن ته ريلي کي پوليس پريس ڪلب ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، وڏي تعداد پوليس اٽالا پهچي ويا، ريلي ۾ شاگرد تنظيم جي اڳواڻن سرائي ڪميل، فرحان پنھور، صالح جمالي سعيد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ھن لانگ مارچ جا جيڪي بنيادي نڪتا آھن، انهن ۾ شامل آهي ته تعليم ادارن ۾ نجڪاري بند ڪئي وڃي، تعليمي ادارن مان سيڪيورٽي فورسز کي نيڪالي ڏني وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار نامنظور آھي.  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي، سياسي شاگرد مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي، هنن چيو ته شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي ۽ تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان هراسمينٽ ھيسائڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي. ان موقعي تي مٽياري  پوليس شاگردن جي مارچ تي لٺبازي ڪندي 25 مٿي شاگردن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪريون ٿيون، گرفتار ٿيل شاگردن ۾ ابرار شاھ، ڪيلاش، پرويز، مھتاب ڏاھري، منصور، علي رضا بروھي، علي عمراڻي، فرقان پنھور،لالا ارسلان، فراز تنيو، صالح دراوڙ، بابا نظير کوسو، ڪاشف لاشاري، نثار چانڊيو، نادر بيلار، سرائي ڪميل، عقيل، عباس علي، جليل راڄڻ، سعيد چانڊيو، ببلو سومرو، فواد جانوري، اجمل لاشاري، احسان جمالي، علي رضا لغاري، علي رضا شھاڻي، ساھل ڦلپوٽو، ذاڪر ڀٽو، آفتاب فراز لغاري، دلي جان لغاري،  دريا خان سومرو، سارنگ لغاري، مصور، وسيم ملاح، ھمٿ شباڻي، ساحل جمالي، انور، روپلو سنڌي، سلام سنڌي، ڊي ڪي مهيري شامل آهن. گرفتار ڪيلن کي بعد ۾ ٽنڊي الهيار مان آزاد ڪيو ويو.