ڀٽ شاهه ۾ ايڪتا تقريب، “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” گيت تي جهمريون

نومبر 23, 2023

ڀٽ شاهه  (رپورٽر) ڀٽ شاھ جي ننڍڙن فنڪارن کي به ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو عنوان وڻي ويو ننڍڙن فنڪارن سلامت علي ميرالي ۽ شفقت علي ميرالي ايڪتا پروگرام ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون گيت ڳائي ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو

 ڀٽ شاھ جي نگري ۾ منعقد ڪيل ثقافتي ايڪتا پروگرام ۾ ٻنهي ڀائرن ثقافتي ڪلام پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏيو، ٻنهي ننڍڙن فنڪارن کي شهرين پاران ڀرپور داد ڏنو ويو

ڀٽ شاھه جي پير محلي سان تعلق رکندڙ ننڍڙن فنڪارن سلامت علي ۽ شفقت علي ميرالي جيڪي ڪافي وقت کان راڳ سکي رهيا آهن

 انهن جو چوڻ آهي ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي ثقافتي ڏهاڙي کي بهترين عنوان ڏنو آهي اسين ان جا ٿورائتا آهيون ۽ جس پيش ڪريون ٿا جنهن سنڌ جي عظيم ثقافت کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي

هنن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ثقافتي عيد ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ پنهنجي عظيم ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪنداسين

ڀٽ شاھ ۾ ٽائيم ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ايڪتا جون تقريبون جاري آهن ۽ شهرين پاران 3 ڊسمبر ايڪتا عيد جون ڀرپور تياريون جاري آهن

Leave A Comment