ڀٽ شاهه ۾ حساس دل پورهيت ڌمڪيون ملڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڀٽ شاهه ۾ حساس دل پورهيت ڌمڪيون ملڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار) ڀٽ شاھ ڀرسان کنڊو اسٽاپ جي رهائشي پيرسن ڪيول ڀيل مبينا طور ڌمڪين کان تنگ اچي زهريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. فوتي جو لاش ڀٽ شاھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش وصول ڪرڻ بعد وارثن ۽ ڪولهي برادري جي ماڻهن پوليس ۽ مبينا ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاج ۾ عورتون ۽ ٻار به وڏي انگ ۾ شريڪ ھئا، فوت ٿيل پيرسن جي زال راڌا ۽ ڌيءَ ڪويتا ڀيل الزام هنيو ته سندن برادري جي ماڻهن، جن ۾ سونو ڀيل، ٽيڪيو، بجو، گديو، سويو، گلو ڀيل سميت ٻيا شامل آهن، گذريل چئن ڏينهن کان کين موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا. وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پوليس به مبينا طور ڌمڪيون ڏيندڙن جي چوڻ تي کين هراسان ڪري رهي هئي ۽ ڪارروائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي هئي، جنهن سبب ڪيول ڀيل ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي زهريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. وارثن موجب سونو ڀيل طرفان سندن ڌيءَ گنگا جي اغوا بابت ڀٽ شاھ ٿاڻي تي ڏنل درخواست سراسر ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي. متاثر خاندان ۽ ڪولهي برادري مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ،