ڀٽ شاهه ۾ راندين جا مقابلا: شهدادپور فٽبال ۽ بيگو ڪاڪا جي ٽيم والي بال ۾ ڪامياب

ڀٽ شاهه ۾ راندين جا مقابلا: شهدادپور فٽبال ۽ بيگو ڪاڪا جي ٽيم والي بال ۾ ڪامياب

ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب بوزدار ( ڀٽ شاھ ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ راندين جا مقابلا ڪرائي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ۽ انعام به تقسيم ڪيا ويا، شهر جي علي وارث گرائونڊ تي جشن آزادي جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ شهرين ۽ نوجوانن کي هڪ بهترين تفريح جو موقعو فراهم ڪيو ويو، صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي هدايتن تي اسپورٽس کاتي جي سهڪار سان والي بال ۽ فٽبال جا مقابلا ڪرايا ويا جن ۾ 4/4 ٽيمن حصو ورتو ، والي بال ۾ ڀٽ شاھ ، بيگو ڪاڪو، بکر جمالي ۽ ڳاهوٽي جي ٽيمن حصو ورتو جڏهن ته فٽبال ۾ شهدادپور، ٽنڊوآدم ، ڄامشورو ۽ ڀٽ شاھ جي ٽيمن شرڪت ڪئي ، افتتاحي تقريب دوران چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاھ سيد خاور حسين شاھ لطيفي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، آزادي ڪپ جي دلچسپ مقابلن ۾ شهرين جو وڏو انگ به راند ڏسڻ لاءِ گرائونڊ تي موجود هو فٽبال جي فائنل مئچ ۾ شهدادپور جي ٽيم کي ڪاميابي ملي، والي بال جو فائنل مئچ بکر جمالي ۽ بيگو ڪاڪا ۾ ٿيو جنهن ۾ مهمان خاص طور ميونسپل چيئرمين تعلقا هالا گل محمد پنھور، ضلع اسپورٽس آفيسر جليل احمد هاليپوٽو ،ڊي ايس پي محمد رحيم کوسو، وسيم احمد ٻگهيو ،علي گل خاصخيلي، ڀٽ شاهه پريس ڪلب جو صدر گل حسن راجپوت ، نائب صدر اختيار علي ميرجت ،شاھ لطيف پريس ڪلب ڀٽ شاه جي صدر نوشاد علي ٻگهيو ،جنرل سيڪريٽري رجب علي بوزدار ، عبدالقيوم راجپوت ، سهيل راجپوت، سجاد علي ابڙو ۽ ٻيا شامل هئا، بيگو ڪاڪا جي ٽيم فائنل ۾ بکر جمالي جي ٽيم کي 20 / 17 تان هارائي جشن آزادي ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو، فائنل کٽيندڙ ٽيم ۽ رنر اپ ٽيمن ۾ ٽرافي ۽ روڪ انعام تقسيم ڪيا ويا جڏهن ته ميونسپل چيئرمين گل محمد پنھور کي اعزازي شيلڊ سان نوازيو ويو ۽ بهترين ڪوريج تي ڀٽ شاھ پريس ڪلب جي صدر گل حسن راجپوت ۽ ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي رپورٽر شاھ لطيف پريس ڪلب ڀٽ شاه جي جنرل سيڪريٽري رجب علي بوزدار کي به شيلڊ جو انعام ڏنو ويو، اسپورٽس کاتي جي ضلعي آفيسر جليل احمد هاليپوٽو جو ڳالهائيندي چوڻ هو ته ڀٽ شاھ ۾ جشن آزادي جي موقعي تي راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ جشن آزادي جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي ھدايتن تي آزادي ڪپ جو اهتمام ڪيو آهي، رانديگرن کي وڌيڪ موقعا به فراهم ڪيا ويندا ۽ مختلف هنڌن اهڙي قسم جا وڌيڪ پروگرام به منعقد ڪيا ويندا،