ڀٽ شاهه ۾ عزادارن ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جو عطيو ڏنو

جُولاءِ 28, 2023

ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ اصغريا علم و عمل تحريڪ پاڪستان طرفان ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت گڏ ڪرڻ

 جي سلسلي ۾ دنبوراچوڪ ڀرسان ڪئمپ قائم ڪئي وئي،  مختلف علائقن مان آيل مومنن سميت شهرين پهچي پنهنجو رت چڪاس ڪرايو ۽ ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جو عطيو ڏنو

 ان موقعي تي ڪئمپ جي اڳواڻن ڊاڪٽر جمشيد احمد مري، مجاهد شيخ، سجاد شيدي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا مريضن لاءِ هر سال محرم الحرام دوران ڀٽ شاهه ۾ ڪئمپ قائم ڪئي ويندي آهي

 هن جو مقصد انهن ٻارڙن لاءِ رت گڏ ڪرڻ آهي جن جو پنهنجو رت نه ٺهندو آهي، ڀٽ شاھ ۾ مومنن ۽ شهرين طرفان ڀرپور سهڪار ڪندي هن خير جي ڪم ۾ درجنين رت جو ٿيلهيون عطيي طور ڏنيون ويون آهن

Leave A Comment