ڀٽ شاهه ( ن پ ا)ڀٽ شاھ ڀرسان هڪ سال اڳ مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪندڙ عورت شريمتي ڀگواني جي قبر ڪشائي ڪئي وئي
ڳوٺ دريا خان ٽالپر ۾ شريمتي ڀگواني زال چيتن ڪمار جو گهر اندر لاش مليو هو عورت جي والد حاڪمو ڀيل پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪندي عدالت کي قبرڪشائي جي درخواست ڏني هئي جنهن تي
عدالت جي حڪم بعد ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو جنهن سامهون 22 سالن جي فوت ٿيل عورت جي لاش جي قبر ڪشائي ڪئي وئي
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا چڪاس ڪرڻ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا رپورٽ اچڻ بعد اها رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي