مٽياري/ ڀٽ شاهه ( نمائندن وٽان) ڀٽ شاهه جي ليڊي ڪانسٽيبل جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، فضا ڌيءَ جي موت جو ذميوار ايس ايڇ او کي قرار ڏئي ڇڏيو، خانزادي ساند الزام رد ڪري ڇڏيا
مٽياري ۾ ليڊي ڪانسٽيبل غلام فضا پنهنجي 16 مهينن جي ٻارڙي مسڪان جو لاش هنج ۾ کڻي احتجاج ڪندي چيو ته ٿڃ پياڪ ڌيءَ کي ڊيوٽي تي کڻي ويندي هيس ته ايس ايڇ او خانزادي مون کي اذيتن جو نشانو بڻائيندي هئي
هن چيو ته ٻيون ليڊي ڪانسٽيبلز به ڊيوٽي دوران معصوم ٻارڙا کڻي اينديون هيون پر ايس ايڇ او مون کي پريشان ڪندي هئي
ايس ايڇ او جي رويي سبب مسڪان کي گهر ڇڏي آيس ته اها ٿڃ نه ملڻ ڪري فوت ٿي وئي جنهن جي شڪايت کڻي ٿاڻي تي پهتس پر اسان جي دانهن نه ٻڌي وئي
ليڊي ڪانسٽيبل آءِ جي ۽ ٻين وس وارن کان ايس ايڇ او ڀٽ شاهه خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي
هوڏانهن ڀٽ شاهه جي ايس ايڇ او خانزادي ساند ”پنهنجي ويب“ سان ڳالهائيندي ليڊي ڪانسٽيبل فضا جا سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن
هن چيو ته ليڊي اهلڪار فضا ٻن ڏينهن کان ڊيوٽي تي غير حاضر هئي، گذريل ڏينهن هالا سيمينار ۾ به هن فرض نه نڀايا. اڪثر بهانا ڪري ڊيوٽي کان انڪار ڪندي رهندي هئي
ايس ايڇ او چيو ته اطلاع موجب معصوم نينگري صبح جو 6 بجي گهر وٽ پاڻي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي آهي، ليڊي اهلڪار جا الزام بي بنياد آهن