ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي تڪراري ڪئنالن خلاف جسقم جو قومي ڪٺ: عيد کانپوءِ پنجاب جا رستا بند ڪرڻ جو اعلان

مارچ 8, 2025

مٽياري/ڀٽ شاھه(رپورٽر+ن پ ا) جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي مرڪز طرفان ڀٽ شاھه ۾ حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاھه تي قومي ڪٺ گهرايو ويو، جنهن ۾ مختلف اڳواڻن سميت جسقم شهيد بشير خان مرڪز جي ڪارڪنن وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ٻڌايو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا، سنڌ کي سڪائڻ ۽ زمينن کي تباهه ٿيڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، فيصلو واپس وٺڻ تائين جدوجهد جاري رهندي، ڪئنالن جو ڪم بند نه ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا، جسقم شهيد بشير خان قريشي مرڪز جي سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، فقير امداد منگي، آصف بالادي، حميد سبزوئي، مانجھي فقير، ميرحسن لاشاري امتياز کوسو، عابد شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته هن قومي ڪٺ جو مقصد پنهنجي فڪري رهبر حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي کي دانهن ڏيڻ ۽ جسقم شهيد بشير خان مرڪز جي ڪارڪنن کي وقتي حالتن کان فڪري طور آگاهه ڪرڻ آهي ته اسان جي پر امن جدوجھد مستقل آهي، جيڪا سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش سميت سنڌو دريا جي نڪرندڙ غير قانوني ڪينالن جي خاتمي تائين جاري رهندي، هنن چيو ته ڪنهن به اسيمبلي ۾ يا سي سي آءِ اداري ۾ ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي بلڪ صدر آصف علي زرداري ڪئنال ڪڍڻ واري نوٽيفڪيشن تي صحيح ڪئي آهي، اهو سنڌو درياءَ تي زبردستي قبضو ۽ غير قانوني عمل سمجھون ٿا، جسقم بشير خان سميت سنڌ جون تمام قومپرست جماعتون سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ غير قانوني ڪئنالن کي رد ڪن ٿيون، سنڌو درياءَ اسان جي جياپي جو سهارو آهي، ڪنهن به صورت ۾ نوان غير قانوني ڪئنال قبول نه ڪنداسين، پنجاب پنهنجا ٽي درياءَ هندستان کي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، پنجاب کي چئون ٿا جنهن پاڪستان ٺاهيو ان سنڌ  جي درياءَ تي قبضو ڪري سنڌي ماڻھن کان سندن جيئڻ جو حق نه کسي، هن چيو ته سنڌ کي حڪمرانن تباھه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جون قومپرست جماعتون غير قانوني ڪئنالن واري هن اهم مسئلي تي خاموش ٿي نه ويهنديون، ماهه رمضان کان پوءِ پنجاب ڏانھن ويندڙ سڀ رستا بند ڪنداسين، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڄامشورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن تي تشدد توڙي گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، رياست وائڙائپ جو شڪار ٿي چڪي آهي. ڄامشورو، مورو، نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ ٻين هنڌن تي ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج کي روڪڻ ۽ قومي ڪارڪنن توڙي شاگردن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ تشدد کليل دهشتگردي آهي ۽ رياست اسان کي اهڙي عمل سان خاموش نٿي ڪرائي سگهي، دريا مٿان ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ جون زمينون سڪي تباھه ٿي وينديون، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪندو، حڪمرانن کي گهرجي ته فوري طور ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺي سنڌ جي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، جيستائين ڪئنالن ٺاهڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو اسان جي پر امن جدوجهد جاري رهندي، تقريب جي آخر ۾ مانجھي فقير پاران صوفياڻا ڪلام پيش ڪري سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 

Leave A Comment