ڀڄو طوفان ٿو اچي، منهنجي والد کي سمنڊ جون ڇوليون کڻي ويون

جُون 13, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان واري صورتحال ۾ سامونڊي پٽي جي رهواسين کي 1999ع وارو سامونڊي طوفان ياد اچي ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ گم ٿي ويا هئا

ٺٽي واسي محمد اڪرم به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جيڪي 1999ع جي بدترين سامونڊي طوفان ۾ متاثر ٿيا هئا، محمد اڪرم هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو

محمد اڪرم بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻ جيڪي سامونڊي طوفان جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته مون کي اهو وقت ياد اچي ٿو جڏهن ڪيئي سال اڳ اسان افراتفري ۾ پنهنجو گهر ڇڏيو هو، هر پاسي کان هڪ ئي آواز اچي رهيو هو ته ڀڄو، طوفان اچي رهيو آهي، آئون ان وقت ننڍو هيس، مان به پنهنجي والد سان گڏ ڀڳس پر بعد ۾ منهنجو والد لاپتا ٿي ويو ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ فوت ٿي وئي هئي، اسان ڪيترائي ڏينهن ڪيمپ ۾ رهيا هئاسين

ٺٽي واسي محمد اڪرم جو چوڻ آهي ته اسان ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ پنهنجي علائقي ۾ وڃي پنهنجا گهر ٻيهر تعمير ڪيا، والده ٻڌايو ته والد جي ڪافي ڳولا ڪئي پر اهو نه ملي سگهيو هو، ٻين جا به ڪيترائي رشتيدار لاپتا ٿيا هئا، جن بابت اسان جو خيال آهي ته لاشن کي سمنڊ جون ڇوليون واپس پاڻ سان گڏ کڻي ويون هيون

محمد اڪرم چيو ته هن وقت جڏهن ٻيهر هڪ ٻيو طوفان ڪيٽي بندر، ٺٽي ۽ بدين ڏانهن وڌي رهيو آهي، آئون دعاڳو آهيان ته سڀ ماڻهو محفوظ رهن ۽ ماڻهن کي گهرجي ته اهي فوري طور پنهنجو علائقو ڇڏن ۽ اسان وانگر آخري وقت جو انتظار نه ڪن

واضح رهي ته سال 1999ع ۾ آيل سامونڊي طوفان ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو لاپتا ٿي ويا هئا ۽ ڪيترائي فوت ٿي ويا هئا، 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا هئا، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هڪ لک 38 هزار گهر ۽ 2 لک 56 هزار ايڪڙ زريعي زمين تباهه ٿي هئي، ان تباهي جا اثر اڃا به موجود آهن، سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ ٺٽو، بدين ۽ ڪيٽي بندر هئا

Leave A Comment