ڀڄي نه وينداسين، جيڪو ڪري سگهان ٿو ڪندس: جسٽس منصور پاران استعيفا جي ترديد

ڊسمبر 8, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه کان اسلام آباد ۾ صحافي غير رسمي طور سوال ڪيو ته اوهان جي استعيفا ڏيڻ متعلق افواهه درست آهن؟ جسٽس منصور علي شاهه صحافي کي جواب ڏيندي چيو ته اهي سڀ افواهه آهن، ڀڄي نه وينداسين، جيڪو ڪم ڪري سگهان ٿو اهو جاري رکندس. جسٽس منصور علي شاهه تقريب ۾ خطاب دوران بار بار آئيني بينچ ۾ شامل نه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جو چوڻ هو ته هاڻي هڪ ڪانفرنس تي آيس ان بعد ٻي تي وڃي رهيو آهيان. نظام کي جيترو بهتر ڪرڻ جو اختيار هٿ ۾ آهي اهو ڪندس. ان کان اڳ ٻارن کي انصاف جي فراهمي متعلق تقريب کي خطاب دوران جسٽس منصور علي چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ٻار عدالت اچي پورو ڏينهن ويٺو رهي، ٻار متعلق ڪيس کي فوري طور تي ٻڌو وڃي. ٻارڙن کي اڄ سائبر بلنگ جهڙا خطرا درپيش آهن. ملڪ ۾ 25 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول نه پيا وڃن. اسپيشل چائلڊ متعلق اسان وٽ سهولتون موجود ناهن، ٻارن کي سڱ چٽي ڏيڻ جهڙيون رسمون موجود آهن،جنهن تي اسان کي شرم اچڻ گهرجي، اسڪول ۾ ٻارن کي تشدد ڪرڻ جو رجحان اڄ به موجود آهي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻارن جي حقن جو عدليه کي احساس آهي. جسٽس منصور چيو ته ائون هميشه چوندو آهيان ته عدالت اچو. مان جيڪڏهن آئيني بينچ ۾ ناهيان پر منهنجا ساٿي اوهان کي ٻڌندا. اسان جي عدالت ۾ ٻار پيش ٿيندو آهي، ان کي ڳالهائڻ جو موقعو ناهي ڏنو ويندو. اسان ڪيسن ۾ ٻارن جي والدين کي ٻڌي وٺندا آهيون. آئيندا ٻار عدالت ۾ پيش ٿين ته ٻارن جي به ڳالهه ٻڌي وڃي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليه کي ٻارڙن کي به فيصلي سازي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. عدليه کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ چلڊرين ڪورٽس ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن جلد فيصلا ٿين.

Leave A Comment