ڀڳت ڪنور رام جي ورسي، رڪ ريلوي اسٽيشن تي يادگار تعمير نه ٿي سگهي!
نومبر 1, 2023
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ڀڳت ڪنور رام جي قتل واري جاءِ رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سنڌ حڪومت توڙي ھندو برادري جي اعلانن باوجود ڪوبه يادگار تعمير نه ٿي سگهيو
1898ع ۾ تعمير ٿيل ماضيءَ جي شاندار ريلوي اسٽيشن کنڊر بڻجي وئي، اختيارين جي عدم دلچسپي ۽ لاپرواهيءَ سبب ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان قائم ريلوي ڪالوني ۽ ماضيءَ جي شاندار بازار جا نشان ئي ختم ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو
1939ع ۾ سنڌ اندر ھندو مسلم وڳوڙن دوران قتل ٿيل سنڌ جي ناليواري صوفي سنت امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جي شھادت واري جاءِ رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سنڌ حڪومت توڙي ھندو برادري جي مختلف تنظيمن پاران يادگار تعمير ڪرائڻ واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي
ھر سال باگڙجي شھر ۽لکي تعلقي جي ساڃاھ وندن پاران بغير ڪنهن مذھبي فرق جي رُڪ ريلوي اسٽيشن تي گڏجي امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ متعلق ادبي ويھڪ ۽ صوفياڻي راڳ جون محفلون پڻ ٿينديون آهن ۽ 2010 ۾ ان وقت جي باگڙجي شھر سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي پيتامبر لعل سيوهاڻي پاران اعلان ڪيو ھو ته رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سنڌ حڪومت جي سھڪار سان ڀڳت ڪنور رام جي نالي يادگار تعمير ڪرايو ويندو
جڏهن ته مختلف وقتن تي ھندو برادري جي مختلف تنظيمن پاران پڻ اعلان ڪيا ويا جيڪي هن وقت تائين صرف اعلان ئي رھيا آھن، 1898ع ۾ برطانوي سرڪار پاران شاندار نموني سان تعمير ڪرايل رُڪ ريلوي اسٽيشن حڪومتي بي ڌياني سبب کنڊر بڻجي وئي آهي ريلوي اسٽيشن جي ڪالوني ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري مڇيءَ جا تلاءَ ٺھرائي ان دور جي عبادتگاهن ۽ شاندار بازار جا نشان ئي ختم ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان 2 ڀيرا ايم پي اي رھندڙ پيتامبر لعل سيواڻي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مون بلڪل يادگار تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ھيو پر سنڌ سرڪار ريلوي جي زمين تي مون کي يادگار تعمير ڪرائڻ جي اجازت نه ڏني هئي پر مونکي جڏهن به موقعو مليو ته مان يادگار ضرور تعمير ڪرائيندس. ٻي طرف رُڪ ريلوي اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر مطابق مون کان اڳ ۾ اسٽيشن جي ملڪيتن تي قبضا آھن جن بابت اسان پنهنجي اداري جي اعليٰ عملدارن کي اطلاع ڪيو آهي
پهرين نومبر 1939ع ۾ رڪ اسٽيشن تي ڀڳت ڪنور شهيد ٿيو
سکر: باگڙجي جي رهواسي فخر الدين جوڻيجو مطابق ڀڳت ڪنور رام جي شھادت جي اکين ڏٺو شاهد پيرسن عبدالمجيد عرف مجن ابڙو کان ٻڌندا آيا آهيون ته رُڪ ريلوي اسٽيشن پنهنجي دور جي برصغير جي مشهور ريلوي اسٽيشن ۽ وڏو ڪاروباري مرڪز ھيو ۽ ان وقت ريلوي اسٽيشن تي دڪانن توڙي ھوٽلن جو ٺيڪو سيالڪوٽ جي ھڪ پنجابيءَ کي ھيو، جنھن وٽ مان ملازم ھيس، جڏهن ڀڳت صاحب جي شھادت ٿي ان وقت منهنجي عمر 17سال ھئي
ڀڳت صاحب جڏهن به رُڪ اسٽيشن تي ايندو ھيو ته ان وقت جا ناليوارا مسلمان بزرگ تاج محمود شاھ امروٽي ۽ مست غلام شاھ غازي ماڙي وارو سندس ملاقات لاءِ ايندا ھئا، جڏهن ته 1 نومبر 1939 اربع ڏينهن شام ڌاري ڀڳت ڪنور رام جيئن ئي منجهند کان ٽرين ذريعي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ رُڪ ريلوي اسٽيشن تي پھتو ته ٽرين جي اسٽيشن تان نڪرڻ ۾ دير ھجڻ سبب ڀڳت ڪنور رام پاڻ ۽پنهنجي ساٿين لاءِ اسٽيشن جي ھوٽل تان ماني ورتي، جيڪا انهن ٽرين ۾ کاڌي، جنهن بعد ڀڳت ڪنور رام ھٿ ڌوئڻ لاءِ پاڻيءَ جي ٽانڪي تي پھتو ته مسلسل سندس تاڙ ڪندڙ قاتل موقعي جو فائدو وٺندي فائر ڪري فرار ٿي ويو، ۽ ان وقت ئي ريلوي اسٽيشن تي ماڻهن جا ھجوم گڏ ٿي ويا، ھر طرف روڄ راڙو مچي ويو جنھن بعد سکر ويندڙ ٽرين ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڀڳت ڪنور رام کي نيو ويو ۽ ڀڳت ڪنور رام رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. جنھن بعد رُڪ ريلوي اسٽيشن ڪيترائي ڏينهن ويران ٿي ويو ۽ ائين ئي ھڪ صوفي منش انسان جي ناحق قتل سبب ماضيءَ جو شاندار ڪاروباري مرڪز ۽ شاندار ريلوي اسٽيشن کنڊر بڻجي وئي آهي.