ڄامشورو، حبڪو ۽ ساهيوال پلانٽ ٿر ڪول تي منتقل ڪرڻ ۽ ريلوي پٽڙي لاءِ زمين خالي ڪرائڻ جو فيصلو
ڊسمبر 3, 2024
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ ۾ بجلي پيداوار جو سستو ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڊسٽري بيوشن ۾ رڪاوٽن سبب سستي بجلي جي فراهمي ممڪن نه پئي ٿئي، ٿر ڪول جي بلاڪ 2 مان 2019ع کان 27 هزار ميگاواٽ بجلي 4.8 رپيا في يونٽ جي اگهه سان پيدا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته امپورٽڊ ڪوئلي مان بجلي 19.5 رپيا في يونٽ پيدا ٿيندي آهي، ٿر جي ڪوئلي سبب هن وقت تائين 1 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ٿر ڪول انرجي بورڊ جي اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿر جو ڪوئلو ملڪ ۾ توانائي جو سستو ذريعو آهي، ٿر جي بجلي سستي هجڻ باوجود محدود ٽرانسميشن سبب انهي جي پيداوار ۾ چيلنجز آهن، وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون ٿر پارڪر ۾ انفرااسٽرڪچر تعمير ڪري رهيون آهن ته جيئن ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي. هن چيو ته ٿر 2640 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ملڪ ۾ توانائي جو سڀ کان گهٽ لاڳت وارو ذريعو بڻجي ويو آهي. ملڪ جي 60 لک گهراڻن کي اها بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. بجلي واري وفاقي سيڪريٽري فخر عالم اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم ڄامشورو، ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽن ( حبڪو)کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ريلوي لائين ٺهڻ کانپوءِ ٿر مان ڪوئلي جي ملڪ ۾ منتقلي سستي ۽ آسان ٿي ويندي. اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين ريلوي لائين بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين وڇائڻ جو ٺيڪو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) کي ڏنو ويو آهي، گرائونڊ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته سليپرز خريد ڪيا ويا آهن. جڏهن ته بن قاسم کان لڪي پاور پلانٽ تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين ۽ بن قاسم ۾ لڪي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۾ ڪول ان لوڊ ڪرڻ جي سهولت پڻ تعمير ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ريلوي پٽڙي منصوبي لاءِ 756.10 ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن مان 36 ايڪڙ خانگي زمين آهي وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته ڪمشنر ميرپورخاص کي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ چيو وڃي. چيف سيڪريٽري موجب ٿرپارڪر ۾ 242.12 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي پئي وڃي، جنهن لاءِ ڪمشنر ميرپورخاص کي 6 ڪروڙ 8 لک رپيا ڏنا ويا آهن. بورڊ آڪٽوبر 2022ع کان مارچ 2024ع تائين سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ٿرڪول بلاڪ 2 جي فيز 2 جي نظرثاني ٿيل ٽيرف آرڊر بابت تجويزن جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ٿرڪول بورڊ جي ڊائريڪٽرن فهد عرفان صديقي ۽ عمار حبيب خان جي مدي ۾ آگسٽ 2025ع تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سي اي او اجلاس کي ٻڌايو ته چيني سيڙپڪار ٿر ڪول بلاڪ 2 جي گنجائش 76 لک ٽن کان وڌائي هڪ ڪروڙ 12 لک ٽن في سال ڪرڻ لاءِ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته 2025ع جي پهرين ٽماهي تائين مالي معاملن تي اتفاق راءِ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٿر ڪول مائننگ ۾ توسيع لاءِ سيڙپ جو بندوبست مقامي طور ڪيو ويندو. ضروري فنڊنگ لاءِ ميزان بينڪ سان معاهدو ڪيو ويو آهي.