ڄامشورومان نوجوان گم، وارث پريشان
جُولاءِ 3, 2025
ڄامشورو ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڄامشوري واسي نواب خان ولد چاڪر خان گائيچو گذريل چئن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويوآهي، نوجوان جي گم ٿيڻ تي وارث سخت پريشاني جوشڪار ٿي ويا آهن، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته نواب خان بنا اطلاع جي گهران نڪتو ۽ واپس ناهي آيو، هر هنڌ تلاش ڪئي وئي آهي،پر ڪٿان به نوجوان جو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو، نوجوان جي وارثن اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.