ڄامشورو: درياءَ مان نينگر جو لاش هٿ

جُولاءِ 3, 2025

ڄامشورو (پنهنجي ڊيسڪ)ڄامشورو ڳوٺ رمضان راڄر ويجهو درياءَ ڪناري 13 سالن جي نينگر جو لاش هٿ، پوليس موجب  درياءَ جي ڪناري تي هڪ نينگر جي لاش هٿ اچڻ جو اطلاع مليو،

جنهن تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم فوري طور تي واقعي پهچي، نينگر جي لاش کي پاڻي مان ڪڍي، ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو ، پوليس موجب نينگر جي سڃاڻپ تاحال نه ٿي سگهي آهي،

جڏهن ته سندس عمر تقريباً 13 کان 14 سال جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي پوليس پاران جاچ مڪمل ٿيڻ بعد لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري