مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران نئين ٽرم بيڪ پاليسي لاڳو ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڊسمبر 13, 2023

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ۾ مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران نئين ٽرم بيڪ پاليسي لاڳو ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو

مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا پاران نئين ٽرم بيڪ پاليسي لاڳو ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو

شاگردن ۽ شاگردياڻين فهد ٻگهيو ۽ راحيل شورو جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري انتظامي بلاڪ آڏو ڌرڻو هنيو، شاگردن جي احتجاج سبب  انتظاميا وڏي تعداد ۾  پوليس نفري طلب ڪئي وئي

شاگردن جو چوڻ هو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ظلم ٿي رهيو آهي، ٽو ون ٽرم بيڪ پاليسي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، اسان کي ڌمڪايو پيو وڃي

ترجمان موجب اهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون جن جي ڪلاس  ۾ 75 سيڪڙو حاضري نه هوندي انهن کي تعليمي پاليسي موجب هلڻو پوندو

ترجمان مهراڻ يونيورسٽي موجب يونيورسٽي پنهنجي تعليمي معيار ۽ مثبت ساک تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندي

Leave A Comment