ڄامشورو: نوجوان درياءَ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو
جُون 27, 2025
ڄامشورو ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڄامشورو جي المنظر پل وٽ نوجوان درياءَ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، ڳولا جاري آهي، حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي جو رهواسي بابر پٽ عمران ڀنڀرو المنظر پل وٽ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو،اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ تي پهچي نوجوان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن نوجوان جي گهر ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي .