ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جي سائيٽ پوليس پاران 2 ڄڻا مقابلن ۾ گرفتار

جُولاءِ 15, 2023

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ ٻن الڳ الڳ مبينا مقابلن ۾ ٻه نوجوان هاف فراء ٿي ويا. ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ۽ ڄامشورو پوليس مبينا مقابلا ڄاڻائي ٻن نوجوانن کي هاف فراءِ ڪيو

 هٿيار هٿ اچڻ جي دعوي’ڪئي وئي. ڄامشورو پوليس موجب ڪوٽڙي لڳ خانپور ڪٽ ويجهو ڄامشورو پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿيو

مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي قبضي مان پستول پڻ هٿ آيو، زخمي جوابدار کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو

 زخمي جوابدار جي سڃاڻپ حڪيم ولد مدد علي رند ويٺل ٻٻر اسٽاپ ڪوٽڙي طور ٿي، جڏهن ته پوليس موجب هڪ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي

جوابدارن خلاف ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪوٽڙي سائيٽ پوليس جو پڻ ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾  هڪ جوابدار هاف فراء ٿي ويو

ڪوٽڙي سائيٽ پوليس موجب سپر هاءِ وي خدا جي بستي لنڪ روڊ تي ڀوت بنگي ويجهو پوليس ۽ ٽن هٿياربند ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ هڪ زخمي جوابدار گرفتار ڪري وٽائنس پسٽل هٿ ڪيو ويو

زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ رضا محمد ولد حاجي مرزا چانڊيو طور ٿي. پوليس موجب ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا

 جن جي ڳولا جاري آهي. جوابدارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو،ايس ايس پي ڄامشورو موجب جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جنهن بعد وڌيڪ معلومات ملي سگهندي

Leave A Comment