ڪوٽڙي( رپورٽر) ڄامشوري جي عدالت ۾ 7 هٿياربندن پاران داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ امينا ڪلهوڙو ۽ نوجوان جاويد بنگلاڻي مرضي جو پرڻو ڪرڻ پهتا جن جي تاڙ ڪندي هٿياربندن عدالت ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي
ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن روڪڻ تي اهلڪارن مٿان هٿياربه تاڻي ورتا جن مان پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، 2 ڄڻا فرار ٿي ويا
پوليس گرفتار ڪيلن مان چئن ڄڻن کي اڻڄاڻايل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڄڻي احمد بنگلاڻي کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جنهن ٻڌايو ته منهنجو پٽ جاويد بنگلاڻي ناري امينا ڪلهوڙعدالت آيا هئا جن جو اسان تحفظ پئي ڪيو
هوڏانهن ڊي ايس پي ڪوٽڙي محمد رياض ملڪ ٻڌايو ڪجهه ڏينھن اڳ ناري امينا ڪلهوڙو نوجوان جاويد بنگلاڻي سان شادي ڪئي هئي جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
هن چيو ته بنگلاڻي ۽ ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن هٿيارن سميت عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي