ڄامشوري ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ ڊڪ ڊوڙ تيز

مَي 15, 2023

ڪوٽڙي ( ن پ ا) ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي اميدوار جي فيصلي لاءِ اڄ بلاول جي صدارت ۾ اجلاس ٿيندو ضلعي ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان سيٽون کٽي آئي آهي جنهن ڪري  چيئرمين پيپلز پارٽي جو ئي ٿيندو.مک اميدوارن ۾ سهيل احمد شورو، محمد صالح عرف شمن راهپوٽو، امان الله شاهاڻي ۽ سردار حاڪم خان نوحاڻي چيئرميني جي سيٽ واري ڊوڙ ۾ شامل آهن. سهيل شورو کي ملڪ اسد سڪندر ۽ شمن راهپوٽو کي سيد مراد علي شاھ جي حمايت حاصل آهي. لوڪل گوتنيمنٽ آرڊينيس ۾ ترميم بعد هاڻي سڌي چونڊيل يا مخصوص سيٽ تي چونڊيل ڪائونسلر کان سواء به ڪوبه ماڻهو چيئرمين ٿي سگهي ٿو تنهن هوندي به ڄامشوري جي سياسي پنڊتن  ملڪ اسد سڪندر جي حمايتي اميدوار سهيل شوري جي چيئرمن ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان ظاهر ڪيا آهن. ڪجھ ماڻهن جو اهو خيال به آهي ته ڊاڪٽر سڪندر علي شوري کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرائي کيس چيئرمين ڪري سگهجي ٿو پر ڄامشوري جي سياست تي اک رکندڙ تجزيي نگارن اهڙي خيال کي رد ڪندي سهيل شوري جي چيئرمين ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اهو به چيو وڃي پيو ته ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ سيد مراد علي شاھ قومي اسيمبليء جي چونڊ وڙهندو جنهن ڪري ضلعي چيئرميني جي سيٽ ملڪ اسد سڪندر جي ئي حصي ۾ ايندي. ان حوالي سان اڄ زرداري هائوس ڪراچي ۾ ڄامشري ضلعي جي پيپلز پارٽي جي اهم شخصيتن کي سڏايو ويو آهي جتي چيئرمين شپ جي سيٽ جو حتمي فيصلو ٿيندو.

Leave A Comment