تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڄامشوري کي لائبريري ڏيو … عذير عابد

لوڪ ڪھاڻين ۽ قصن ۾ پڙھندا آھيون فلاڻي ديو جو ساھه طوطي ۾ آھي ان راڪاس کي مارڻ لاءِ طوطي کي ھٿ ڪرڻو پوندو۔ ھيڏو وڏو ديو جنھن جو ساھه واري پتڪڙي طوطي ۾ اھي ڪھاڻيون ڀلي ديومالائي ھجن جيترو پاڻ قصن ڪھاڻين مان پرائيندا آھيو اھڙي بھتر نموني پاڻ شايد ٻي طريقي سان نه سکي سگھون، ھي لوڪ ڪھاڻي به بھترين سبق پنهنجي اندر سمائي ٿي، اھو ھي ته جيڪي شيون ٻاھران ساديون، پتڪڙيون، خاموش، ٽٽل ۽ ڦٽل ھونديون آھن ضروري ناھي ته انھن جو حقيقي ۽ اندروني روپ به اھو ھجي ڪي ٽٽل ۽ ڦٽل شيون پنهنجي اندر گھڻو ڳنڀير، دلچسپ  ۽ عظيم ھونديون آھن، ساڳي ڳالھه ڪاغذ جي ھڪڙي پني لاءِ لاڳو ٿئي ٿي جيڪو بظاھر ھڪڙو ڪاغذ آهي جنهن تي ٻه چار سٽون لکيل آھن، سٽون ۽ اکرن جو تعداد وڌي ٿو ڪو ڪالم جڙي پوي ٿو، اڃا ڪجھه وڌي ٿو ته ڪو ڪتاب جڙي پوي ٿو جيڪو بظاھر محض ڪتاب آھي، ڪاغذ جي پني تي مس جو ذيان انجي ظاھري افاديت ۽ اھميت صرف اھا آھي پر جڏھن ٿورڙو غور ڪريون ٿا ڪتاب ۾ اسانکي پوري ڪائنات ملي ٿي، ڌرتي، فطرت، تھذيب، ثقافت، ٻولين جي ارتقا، عقيدن جو جڙڻ ملڪن جي تاريخ، نظريا، آدرش، اخلاقيات، ڪھاڻيون، احساس، جذبا، ولولا، سمجهه، شعور، نفرت ۽ محبت مطلب ته انسان ۽ انسان سان گڏ سموري فطرت، ڪائنات ۽ سماج سان لاڳاپيل سموريون ڳالھيون ۽ فڪر اسانکي ڪتابن مان ملن ٿا.جيڪڏھن ڪو مھذب سماج اڏڻو آھي، افلاطون  جي تصور واري مثالي رياست اڏڻي آھي تڏھن به اسانکي لائبريريون گھرجن، جيڪڏھن ارسطو واري پوئٽيڪا کي سمجھڻو آهي تڏھن به ڪتب خانو گھرجي، جيڪڏھن اسان چاھيون ٿا ته دوکن، نفرتن ۽ فريبن مان جند ڇڏايون بھترين انسان بڻجون، ڏاھا ٿيون تڏھن به اسانکي لائبريريون گھرجن.
ھر دفعي اھا شڪايت ٿيندي آھي اسان وٽ نيوٽن پيدا نٿو ٿئي ,آئنسٽائن پيدا نٿو ٿي، جڏھن علم جا گھر نه ھوندا لائبريريون ۽ ليبارٽريون نه ھونديون ته نيوٽن ۽ آئنسٽائن ڪڏھن به پيدا ڪو نه ٿيندا، ڪتابن  سان دوستي نه ھوندي ته پوءِ سطحي ڳالھيون ڪنداسين، ساڳي رٽ، ساڳي بڪواس، ساڳي رواجي اخلاقيات ساڳيو خسيس پڻو ـ تنهنڪري اچون ته سھي معنيٰ ۾ انسان بڻجون لائبريريون اڏيون ڪتابن سان دوستي رکون ھن مظلوم ديس جي نوجوانن ھاڻي اھا ڳالهھ سمجھي ورتي آهي ته اسان جي زخمن جو علاج علم آھي، ڪتاب آھي پنهنجا حق گھرڻا آھن ۽ حقن لاءِ وڌي جھڙي وڙھڻو آهي سياست ۾ حصو وٺڻو، تون تون ۽ مان مان کي ڇڏي  مجموعي مفادن کي سامھون رکي سياست به ڪبي، پنهنجا حق به وٺبا،پاڻ رڳو نوڪر ٿيڻ لاءِ ڪو نه ڄاوا آهيون ھاري جو ٻار به پڙھندو مزدور جو ٻار  به علم حاصل ڪندو ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ نوجوان احتجاج ڪن ٿا، ڌرڻا ھڻن ٿا ته اسانکي ڪتاب ڏيو ,لائبريريون ڏيون ته اسان به پڙھون رياست ڇا ٿيندي آھي ؟؟ قانون ڇا ھوندو آھي ؟؟ فلسفو ڪھڙي بلا آھي ؟؟ سائنس ڇا آھي ؟؟ سماج ڇا آھي ؟؟ سياست ڪرڻ ڇو ضروري آھي ؟؟  اچو ته انھن نوجوانن سان گڏ بيھون،
ساڳي ڏس ۾ ڄامشورو شھر جيڪو علم جو گھر آهي، ڪراچي کانپوءِ وڌ ۾ وڌ يونيورسٽيون ھن شھر ۾ آھن، ھن شھر جو مزاج عاشقاڻو آھي، ھن شھر نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪندڙ بھترين نظمن کي جنم ڏنو اھو ھن شھر جو ڪمال آهي ته شڪارپور، سکر ۽ گھوٽڪي کان آيل اتر سنڌ جي الھڙ ڇوڪرن ۾ لڪل ڏات ۽ ھنر کي نکيري ٿو ھو ھن شھر جو ڪمال آھي جيڪو اسانکي محبت ڪرڻ سيکاري ٿو، اھو ڄامشوري جو ڪمال آھي جيڪو نوجوانن کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري مٺڙي ماءُ واري لولي ڏئي ٿو، ھن شھر سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياست کي ڇا ڇا نه ڏنو آھي پر افسوس ان شھر ۾ ڪا به سرڪاري لائبريري ڪونھي جٿي نه صرف ڄامشوري پر پوري ملڪ جا نوجوان رھن ٿا، يونيورسٽين ۾ پڙھن ٿا پر انھن وٽ لائبريري جي سھولت ڪونھي جٿي ھو عظيم دماغن جي لافاني خيالن کي پڙھن جيڪڏھن ھن شھر کي لائبريري ملي پوي ته منهنجي خيال ۾ اھا لائبريري پنهنجي الڳ تاريخ جوڙيندي. اسانجي تاريخ ادب ۽ سياست کي نوان دڳ ملندا ـ تنهڪري اچو ته پاڻ ان جدوجھد ۾ حصو وٺو ۽ ڄامشوري شھر لاءِ لائبريري جي گھر ڪريون ـ 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *