ڄامشوري ۽ ڀٽ شاهه ۾ حادثا: 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا: 3 زخمي

آگسٽ 2, 2023

ڄامشورو/ڀٽ شاهه(رپورٽرز) ڄامشوري ۽ ڀٽ شاهه ۾ حادثن سبب 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڀٽ شاهه ۾ شهدادپور روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهنجي نتيجي ۾ ڀٽ شاھ واسي نوجوان 22 ورهين جو اعجاز جاگيراڻي سندس زال ۽ امڙ  زخمي ٿي پيا

زخمين کي  حيدرآباد سول اسپتال اماڻيو ويو، جتي نوجوان اعجاز جاگيراڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي  جڏهن ته فوتي نوجوان جي زال ۽ امڙ زخمي جو علاج جاري آهي

ٻئي پاسي ڄامشوري ويجهو حيدرآباد ڄامشورو روڊ تي ڪوچ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيا کين حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو

فوتي جي سڃاڻپ حيدرآباد واسي عمران مهاجر طور ٿي جڏهن ته  عبدالرحمان چانڊيو  جو علاج جاري آهي ڄامشورو پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي  ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو

Leave A Comment