ڄامشوري ۾ ايڪتا عيد جون تياريون“اچو ته نئين سنڌ اڏيون” کي ڀرپور موٽ

نومبر 14, 2023

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران 3 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاء ڄامشوري ضلعي جي صحافتي ۽ سياسي سماجي ڌرين توڙي عام ماڻهن ۾ جوش خروش وڌي ويو آهي

ٽائيم نيوز ڪوٽڙي جي رپورٽر سان رابطو ڪري ڪيترن ئي صحافين، سرگرم سماجي ڪارڪنن، سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، سوشل ميڊيا تي متحرڪ رهندڙ نوجوانن توڙي سماج جي مختلف پرتن جي نمائندن چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت کي بچائڻ لاء سڀ کان پهرين محترم علي قاضي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هيو جنهن تي سموري سنڌ اٿلي پئي هئي جيڪا روايت اڄ تائين برقرار آهي ان ڪري اڄ به علي قاضي جي ڏنل سڏ تي سموري سنڌ لبيڪ چئي رهي آهي ۽ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي عنوان هيٺ هڪ دفعو ٻيهر سموري سنڌ 3 ڊسمبر تي گڏجي رهي آهي

In pictures: Sindh celebrates culture day with enthusiasm, zeal

ڄامشوري ضلعي سان تعلق رکندڙ مختلف شهرن، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان، مانجهند، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن جي رهواسي سرگرم ڪردارن گلشير کوهارو، شوڪت خاصخيلي، خادم خاصخيلي، درويش خاصخيلي، سيس خليل احمد شاه، عارف مصطفي’ دائود پوٽو، اسد ڪلهوڙو، غلام نبي بروهي، علي شير باريجو، ايشور داس ڪوهستاني،  حڪيم قريشي، ظهور احمد ملاح، امتياز هنڱورو، قمر سمون، فدا خاصخيلي، انور علي شورو، علي جان سنڌي،  مصطفي’ ڀلائي، امجد علي راهوجو،ڀحضور بخش شورو، جاويد عالم ميمڻ،  مقصود علي لاکاٽي، حاجي معراج مگسي، ڪمال خان ڇڇر ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سنڌ مان افغانين ۽ ڌارين کي تڙي نئين سنڌ اڏي سگهجي ٿي ان کان علاوه ايندڙ اليڪشن ۾ عوام جا حقيقي اميدوار چونڊي روايتي جاگيردارن کي هارائي به نئين سنڌ اڏي سگهجي ٿي

اهو ئي نه پر ڪرپشن جو خاتمو ڪري ۽ ملڪ ۾ حقيقي جهموريت آڻي به نئين سنڌ اڏي سگججي ٿي ان ڪري هي نعرو نهايت ئي اهم آهي، اسان سڀني کي نئين سنڌ اڏڻ لاء پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، گڏوگڏ 3 ڊسمبر تي سموري سنڌ کي هڪ ٿي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اسين سڀ انصاف ۽ عدل تي ٻڌل نئين سنڌ جي اڏاوت چاهيون ٿا

Leave A Comment