ڄامشوري ۾ ثقافتي سرگرميون تيز، مسلم ٽائون ۾ مچ ڪچهري، قومي خدمتگارن کي ڀيٽا پيش
نومبر 30, 2024
ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ثقافت جو عالمي ڏهاڙو ويجهو ايندي ئي ثقافتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ مسلم ٽائون جي رهواسين طرفان شاندار ثقافتي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي پٽڪا، ٽوپيون ۽ اجرڪ پهرايا ويا، مسلم ٽائون چانڊيا چوڪ تي رياض ناريجو، حاجي جعفر چانڊيو، صوبدار خان چانڊيو، رشيد راڄڙ ۽ ٻين جي ميزباني هيٺ ڪرايل ثقافتي مچ ۾ ڄامشوري، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد مان مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ثقافتي تقريب ۾ صحت جي شعبي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر برڪت لغاري، وڪالت جي شعبي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختر ابڙو،سماجي ۽ صحافتي شعبي ۾ حاڪم چانڊيو موسيقي ۽ مزاج جي شعبي ۾ قادر بخش مٺو،قومپرست اڳواڻ سومر خان جمالي کي پٽڪا پهريا ويا جڏهن ته جڏهن ته تقريب ۾ پهتل صحافين سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي اڳواڻن کي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر برڪت لغاري، ايڊووڪيٽ اختر ابڙو، صحافين حاڪم چانڊيو،مزاحيا فنڪار قادر بخش مٺو،قومپرست اڳواڻ سومر خان جمالي، رياض ناريجو، حاجي جعفر چانڊيو، صوبدار خان چانڊيو، رشيد راڄڙ ۽ ٻين پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊ ڪندي سنڌ جي ثقافت، روايتن تي روشني وڌي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي سنڌو درياهه تي وفاق پاران وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، سنڌ دشمنن خلاف حق سچ جي جدوجهد کي جاري رکڻ جو وچن ورجايو ويو. جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي فنڪارن دانش منظور، وسيم سمون، ساجد سنڌي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن مزاحيا فنڪارن قادر بخش مٺو، منظور چانڊيو ۽ ٻين مزاحيا ٽوٽڪا ٻڌائي شريڪ ماڻهن کي خوب کلايو، رات جو دير تائين جاري رهندڙ مقامي سگهڙن به شريڪ ٿي سگهڙائپ جا جوهر ڏيکاري مچ ڪچهري کي رونق بخشي.