ڄامشوري ۾ قتل ٿيل عورت سان لاڳيتو اجتماعي لڄالٽ ٿيڻ جو انڪشاف

  ڄامشوري ۾ قتل ٿيل عورت سان لاڳيتو اجتماعي لڄالٽ ٿيڻ جو انڪشاف

ڄامشورو(رپورٽ:ميرمرتضي نوحاڻي)ڄامشورو ۾ ڪپڙا کپائيندڙ خانابدوش 26 سالا نوجوان عورت صبرو کي اغوا ڪرڻ بعد بي رحمي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي پنج جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن پوليس ذريعن موجب واقعي جي جاچ گرفتار جوابدارن کان جاچ جاري آهي. پوليس موجب ڏهه ڏينهن اڳ پهرين فيبروري تي اغوا ٿيل 26 ورهين جي مسمات صبرو پٺاڻ جو تشدد ٿيل لاش گذريل ٻه ڏينهن اڳ جابلو علائقي مان مليو هو، جنهن بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي قتل ٿيل عورت جي مڙس بابر لڪي مروت پٺاڻ جي فرياد تي ڄامشورو ٿاڻي تي 13 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پنج ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. فريادي موجب معشوق کوسو، دادن کوسو، راڻو کوسو، جاني کوسو ۽ نورو کوسو سندس زال کي زنا ڪرڻ جي ارادي سان اغوا ڪري قتل ڪيو، فريادي ٻڌايو ته هو ۽ سندس گهرواري شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪپڙا کپائيندا هئا ۽ روزگار لاءِ ڳوٺ محمد کوسو ۾ ڪپڙو کڻي ويا هئا، جتان سندس زال واپس نه آئي. بعد ۾ کيس اطلاع مليو ته سندس گهرواري جو لاش جابلو علائقي مان مليو آهي. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته علائقي واسين طرفان جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته مقتولا کي قتل کان اڳ مسلسل اجتماعي لڄالت جو نشانو بڻايو ويو، ۽ جڏهن عورت جوابدارن جون شرطون قبول نه ڪيون ته کيس بي دردي سان قتل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب جوابدارن کي ڊپ هو ته جيڪڏهن عورت کي آزاد ڪيو ويو ته هو کين قانون جي حوالي ڪندي.
 

مقتولا جا وارث ۽ ٻارڙا احتجاج ڪندا رهيا، پوليس سنجيده نه ورتو

ڄامشورو:خانابدوش عورت کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. عورت جي آزادي لاءِ مختلف وقتن تي سندس معصوم ٻار، مڙس ۽ والدين احتجاج ڪندا رهيا، پر پوليس انهي وقت ڪا به سنجيدگي نه ڏيکاري، جنهن سبب آخرڪار عورت جو لاش هٿ آيو. واقعي علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جو ماحول پيدا ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس جاچ جاري رکي آهي.
 

مقتولا جو لاش وارث بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي کڻائي ويا
 

ڄامشورو: مقتولا صبرو پٺاڻ جو لاش وارث بلوچستان جي علائقي لسٻيلي کڻائي ويا آهن. ان ڏس ۾ واقعي کانپوءِ پوليس طرفان ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد مقتولا جو لاش لسٻيلي بلوچستان منتقل ڪيو ويو، جتي آخري رسمون ادا ڪيون ويون.