ڄامشوري ۾ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ڄامشوري ۾ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان ٿرمل پاور ھائوس پٺيان جابلو علائقي مان پٺاڻ عورت صبرين جي مبينا گم ٿيڻ بعد پوليس ۽ وارثن طرفان کوسا برادري جي ٻن نوجوانن مٿان شڪ جي بنياد تي اغوا جي ڄامشورو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي هئي  اهڙي اين سي رپورٽ داخل ٿيڻ بعد ڄامشورو پوليس ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس پٺيان کوسا برادري جي گھرن تي ڪاھ ڪندي ٽن نوجوانن ميھر کوسو، رحيم کوسو ۽ غفار کوسو کي گرفتار ڄامشورو اي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هو، جنهن خلاف کوسا برادري جا ماڻھو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سوڌو گھرن مان نڪري آيا ۽ ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ڀرسان احتجاج ڪندي انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته لعل شهباز قلندر جي ميلي تي ويندڙ پانڌيڙا بـ ٽرئفڪ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ڦاسي پيا.  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ کوسا برادري جي مير کوسو، شاھ بخش کوسو، غلام حسين کوسو، راجا کوسو، دلبر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن چيو ته آهي ته اسان جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن تي تشدد پڻ ڪيو پيو وڃي، هر قسم جو يقين ڏيارڻ لاءِ تيار آهيون ته اسان پٺاڻن جي ڪا به عورت اغوا ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جا نوجوان بيگناھ آهن انھن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڌرڻو جاري رهندو، ايس ايڇ او اي سيڪشن سجاد جمالي ڌرڻي واري هنڌ پهچي گرفتار ماڻھن کي آزاد ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.