ڄام خان شورو خلاف غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس: نقشو پيش ڪرڻ جو حڪم

جُولاءِ 15, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين خلاف داخل سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ نيب کي 5 آگسٽ تائين ديهه شاهه بخاري جو نقشو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 ٻڌڻي دوران صوبائي وزير ڄام خان شورو سميت 18 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ريفرنس ۾ نامزد ڪيل اڳوڻن عملدارن جي وڪيلن عدالت کي آگاهي ڏني ته نيب جنهن زمين جي آڌار تي ريفرنس داخل ڪيو

 اها زمين ديهه ڄامشورو ۾ آهي پر نيب ڄاڻائي ٿي ته اها زمين ديهه شاهه بخاري ۾ آهي ان لاءِ نيب کي نقشو پيش ڪرڻ گهرجي. وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته گذريل ٻڌڻي تي انهن درخواست ڏني هئي

 جيڪا 161 تحت منظور ڪندي نيب کي نقشو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي نيب کي ديهه شاهه بخاري جو نقشو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

 وڪيل امداد انڙ جو چوڻ آهي ته انهن ديهه شاهه بخاري جي نقشي لاءِ ڏنل داخل درخواست تي دليل مڪمل ڪيا جيڪا منظور ٿي ۽ نيب جي نئين قانون تحت ريفرنس ۾ نامزد ڪرن خان شورو جي ضمانت تي به دليل ڏنا جنهن بعد عدالت 20 ڏينهن لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام