ڄام خان شوري کي هٽائي قبول محمد کٽياڻ سيڊا چيئرمين مقرر

آگسٽ 3, 2023

ٽنڊوباگو(رپورٽر) سنڌ حڪومت ڄام خان شوري کي هٽائي قبول محمد کٽياڻ کي سيڊا جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي

ايريا واٽر بورڊ بدين جي اڳوڻي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ جي جڳهه تي سنڌ حڪومت پاران پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي اڳواڻ سيد علي بخش عرف پپو شاهه جي پٽ سيد سڪندر علي شاهه کي ايريا واٽر بورڊ بدين جو چيئرمين مقرر ڪرڻ کان پوءِ آبپاشي وزير ڄام خان شوري کي هٽائي قبول محمدJ کي سيڊا جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

 رابطو ڪرڻ تي قبول محمد کٽياڻ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي پاران مون کي جيڪا ذميواري ڏني وئي آهي ان کي صحيح نموني سان پوري صلاحيتن سان نڀائيندس

سندس چوڻ هو ته منهنجي شروع کان وٺي ڪوشش آهي ته ڦليلي ۽ اڪرم واهه جي ٽيل تائين پاڻي پهچي، بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندس

 ھن چيو ته سندس سيڊا سنڌ جي چيئرمين ٿيڻ جي منظوري سنڌ ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ ڏني وئي آهي، آئون پيپلزپارٽي جي قيادت جو شڪر گذار آھيان، جنهن مون کي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو آهي

قبول محمد کٽياڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾  پاڻي جي وھڪرن جي سڌاري لاءِ ڪم ھلندڙ آهن، جن کي وڌيڪ بھتر ڪيو ويندو

Leave A Comment