ڄام صاحب(رپورٽر) ڄام صاحب ۾ سوشل ميڊيا تي ڇوڪريءَ جي نالي سان جعلي آءِ ڊي ٺاهي نوجوان کي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو
پوليس موجب جوابدار بجار مري ڇوڪرين جي نالن سان جعلي آءِ ڊيز ٺاهي رئوف شر نالي شهريءَ کي بليڪ ميل ڪيو
جوابدار بليڪ ميلنگ جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ رئوف شر وٽ پهتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، جوابدار گرفتاري وقت پنهنجي فون ڀت ۾ هڻي ان کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي