| ڄام مهتاب ڏهر حملو ڪيس ۾ شهريار شر جي ضمانت ۾ واڌ |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس محمود اي خان تي ٻڌل سنگل بئنچ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي قاتلاڻي حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت ۾ 22 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي قاتلاڻي حملي ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل مطابق عدالت سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي وڪيل قربان ملاڻو ۽ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر جي وڪيل عبيد الله گهوٽو جا دليل ٻڌڻ بعد سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جي عبوري ضمانت ۾ 22 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته گهوٽڪي پوليس ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي قاتلاڻي حملي واري ڪيس ۾ سردار شهريار شر ۽ سندس پٽ جهانگير شر جو نالو ڪيس مان خارج ڪيو هو جيڪا سمري لاڳاپيل ڪورٽ پاس ڪئي ان عدالتي فيصلي کي ڄام مهتاب ڏهر سنڌهاءڪورٽ سکر ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.