ڄام نوازعلي مان اغوا ٿيل استاد بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول
جنوري 31, 2025
ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نوازعلي ويجهو ڳوٺ گل حسن ڪلوئي واسي اغوا ٿيل پرائمري ماستر ريجهو مل ميگهواڙ بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، استاد کي ٽي هفتا اڳ مصري شاهه موڙ وٽان ڪار سوار 4 هٿياربندن اغوا ڪيو هو، سندس اغوا جو ڪيس ڄام نوازعلي ٿاڻي تي 4 نامعلوم ماڻهن خلاف استاد جي ڀاءُ سروڻ ڪمار ميگهواڙ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته بازياب ٿيل استاد ريجهومل ميگهواڙ ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، مٿس تشدد جا نشان اٿس، علائقي ۾ چوٻول آهن ته استاد جي بازيابي ڀنگ ڀرڻ عيوض عمل ۾ آئي آهي.