ڄاڻان ٿو حملي ۾ ڪير ملوث آهي،حڪومت جاچ ڪري حقيقتون ظاهر ڪري:سراج الحق

مَي 21, 2023

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته ڪوئيٽا حملي ۾ ڪير ملوث آهي حڪومت کان مطالبو آهي ته جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻجن

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته مون کي چيو ويو ته بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪريان جيڪا حڪومت نٿي ڏئي سگهي ته ايوان خالي ڪري وڃي اسان کي ڪو به سيڪيورٽي ٿريٽ نه ڏنو ويو هو

سراج الحق چيو ته هڪ شهري طور ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته زوب ۾ ٿيل حملي پويان ڪير آهي حڪومت اڃا تائين ٿيل جاچ کان آگاهه ناهي ڪيو هن چيو ته اسان ڪڏهن به فوجي عدالتن جي حمايت ناهي ڪئي سياسي معاملن کي فوجي عدالتن ۾ نه وڃڻ گهرجي هن چيو ته آمريڪا کي ڪو حق ناهي ته ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري

Leave A Comment