| چارجنگ دوران استعمال ٿيندڙ موبائل فون ڌماڪي سان ڦاٽي پيو |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته موبائل فون چارج تي هجي ته ان کي استعمال نه ڪيو وڃي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جو ثبوت چين ۾ مليو آهي جتي ٻارڙي جي هٿ ۾ چارج تي رکيل موبائل اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ان جي وڊيو به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن تي ماڻهن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اهو واقعو گهر ۾ پيش آيو جتي لڳل سيڪورٽي ڪيمرا ۾ رڪارڊ ٿي ويو. وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته نينگري موبائل فون استعمال ڪري رهي آهي جيڪو چارج ٿي رهيو هو ٻارڙي فون کي چهري جي ويجهو آندو ته اهو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ٻارڙي گهٻرائجي وئي ۽ صوفي کان هيٺ ڪري پئي. پر کيس ڪو ڌڪ نه لڳو.