چارڻ چوريو چنگ … فتح مظلوم جي ٿيڻي آھي … مولائي ملاح

                 سنڌ ۾ سُر ۽ ساز جا پارکو، ‘چنگ’ ته ڪٿي “بوڙينڊي” کي سنڌ جو قومي ساز چون ٿا، جنهن جي حقيقت اڃا واضح ناهي. مون ٻالڪپڻ ۾  پهريون ڀيرو، ‘چنگ’ جو آواز _ درد ڀريو آلاپ هنن لفظن ۾ ٻڌو هو:

“الله ئي الله ڪيا ڪرو، دک نه ڪسي ڪو ديا ڪرو،

جو دنيا ڪا مالڪ هئي ، نام اسي ڪا ليا ڪرو”.

مطلب ته هن ساز جو پهريون تعارف مون ائين ٻڌو. باقي پوءِ جھر جھنگ ۽ واهڻ وستيءَ ۾ ڌنار، ٻڪرار، ريڍار ۽ ميهار وغيره مال چارڻ مهل لٺ ڪلهي تي رکي مال چاريندي جنهن وقت به شاخ جي ٽاپ تي آرام لاءِ ويهن ٿا ته، دل جي سڪون لاءِ ڦاٽل قميص جي کيسي مان چنگ ڪڍي وات وٽ رکي ساڄي هٿ جي پهرين آڱر سان وڄائڻ شروع ڪن ٿا ته هلندا بيهاري ڇڏين ٿا. هن ۾ سڄڻ جي وڇوڙي جي پڪار وارو درد ڀريو سڏ ھوندو آھي، جيڪو ستل دلين کي بيدار ڪرڻ جي سگھه رکندو آھي. ھن وقت به ڪوھستان ۾ ھي ڌنارن جو عام  ساز آھي. هاڻ دنيا جديد ٿي وئي آهي. ساز ۽ آلاپن جا انداز موبائيل ۽ سوشل ميڊيا مٽائي ڇڏيا. نه ته قومي ڪاڄن ۽ فتح جي موقعي تي سازجو آواز نه وڳو ته ڪجهه ئي نه ٿيو. محفل ٻُسي لڳندي هئي. هن ساز بابت مونکي ڪا گھڻي ڄاڻ ناهي بس تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ هيئن پڙهيم: “سنڌ ۾ سڪندر اعظم جي فتح مهل جشن جي موقعي تي ساز چنگ وڄندو رهيو. جنهن بابت عطا محمد ڀنڀرو، پنهنجي ترجمي ڪيل ڪتاب: “سنڌ تي سڪندر جي ڪاهه” جي صفحي 351 تي لکي ٿو: سڪندر جي سنڌ فتح ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايل جشن ريلي ۾ سنڌ جو قديم قومي ساز چنگ به وڄي رهيو هو. “هن ڪجھه وقت اڳ ديوتا بئڪس  Bacchus  سان سنڌ فتح ڪرڻ واري معاملي ۾ ريسَ ڪئي هئي ۽ هام هنئين هئي ته هو به ديوتا بئڪس  وانگي سنڌ فتح ڪري ڏيکاريندو. هن اهو به پڪو پهه ڪيو ته فتح جو جلوس به ديوتا بئڪس جي فتح واري جلوس جهڙو هوندو. هي پهريون ديوتا هو، جنهن هن قسم جو جلوس ڪڍيو هو. پتو نه آهي بئڪس جي فوج اهو جلوس فتح جي خوشيءَ ۾ ڪڍيو هو يا فتح جي خوشيءَ ۾ ڪا عيش عشرت جي محفل هئي. جنهن وسيلي بئڪس ديوتا جي پوڄارين دل خوش ڪئي هئي، تنهن ڪري هن حڪم ڪيو هو ته شهر جي جنهن گھٽيءَ بازار مان هو لنگھي ته سندس فوج مٿان گل. جي ورکا ڪئي وڃي،  کين هار پاتا وڃن، شراب جا پيالا پيش ڪيا وڃن. ان جلوس جي هر حصي مان چنگ ۽ بربط FLUTE  جو آواز ٻڌجي  رهيو هو.

روزاني اخبار ۾ ڪالم لکڻ لاءِ سِرو _ عنوان جيڪو به کڻندو آهيان، پهريون ڪالم ان تي لکندو آهيان. اهڙو سلسلو ماضي کان سنڌي صحافت ۾ رائج آهي. بزرگ صحافين جا سِرا، مون کي ڏاڍا وڻندا آهن، جن کان متاثر ٿي مون به ائين ئي لکڻ جي شروعات ڪئي. اهڙو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي. سِرو اهڙو هجي جنهن جا لفظ مختصر ۽ ان ۾ مواد وسيع هجي. جيئن منهنجو هڪ سِرو“ نيڻ سفر…!” هو. مون ان ۾ نيڻن تي هڪ مڪمل ڪالم لکيو. مطلب ته جيستائين انسان زنده آهي، گھمي ڦري ٿو، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪو انياءُ، ڏاڍ ڏمر ڏسي ٿو ته ان تي ڪالم لکي وٺندو؛  جيڪو سندس سِري سان ٺهڪي ايندو. ائين ئي چارڻ ۽ چنگ به هڪ سجاڳيءَ جي علامت آهي، جنهن سان ماڻهو قوم کي سجاڳ ڪري پنهنجن بنيادي مسئلن ۽ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساهي سگھي ٿو.

اخبارن ۾ مستقل ڪالم لکڻ جو سلسلو 2015ع کان ختم ڪيم. بس ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي تي دل دکي پوندي هئي اڌما ورچي ويهڻ نه ڏيندا هئا ته ڪالم لکي من اندر جي باهه هلڪي ڪري وٺندو هيس. ائين ضمير تان به بار هلڪو ٿي پوندو هو. جڏهن به لکيم مظلوم جي ڌر بڻجي لکيم. 2014ع کان ڪتاب شايع ڪرڻ جو شوق جاڳيو، جنهن ڪم ۾ جنبي ويس. اخبارن کان اهڙين مصروفيتن جي ڪري پري ٿيندو ويس. ڪراچي ۽ حيدرآباد روزاني جن به اخبارن ۾ لکيم، ڪنهن نئي سِري سان ئي لکيم. ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ مهل ان جي هرپاسي جيان ان جي نالي تي به گھڻو غور ڪندو آهيان ته جيئن نالو ڪتاب جي مواد سان ٺهڪي بيهي. انهيءَ ڪم ۾ اوليت شاهه لطيفؓ جي شعرن کي رهي، جنهن جي سٽ کڻندو هيس. اخبارن ۾ ڪيترن ئي عنوانن سان لکيم: درپن _ پاڇا ۽ پڙلاءَ _ نيڻ سفر ۾ .. مورڙي جي ماڳ کان _ وغيره شامل آهن. جيڪي ڪالمن جي سونهن ۽ سوڀيا بڻيا. ڪجهه وقت جي وٿيءَ کانپوءِ وري جڏهن لکڻ شروع ڪيم ته، سنڌي ٻوليءَ جي جديد اخبار ‘روزاني پنهنجي’ اخبار، ڪراچي ۾ “اشفاق آذر جي محبتن سان“ بلاگ” لکيم، جن تي به ڀرپور موٽ ملي. وري خاموش. ان اخبار جي پهرين ڪاپي حسن مجتبى` جي جنم شهر اٻاوڙي جي هڪ سرد صبح جو بس اسٽاپ (ميلاد چوڪ) تان ورتم. جنهن من موهي وڌو. ان اخبار جي آرٽيڪل کان ايڊيٽوريل تائين پهرين اشفاق آذر سان ۽ هاڻ سائين عزيز سولنگيءَ سان نوڪ جھوڪ هلندي رهندي آهي.

هڪ ڀيري سڄڻ سنڌيءَ جي آفيس ۾ ويٺي ڪتاب جي نالي تي پئي سوچيم. ڪتاب جي نالي جو جيڪو خاڪو ذهن ۾ گھمي پيو، ان کي ذهن جي اسڪرين تي اچن لاءِ ڪي ٺهڪمندڙ لفظ نه پيا ملن. شاهه جي سُر سورٺ کي گھڻو ئي اُٿلائي ڏٺم پر ڪتاب ۾ شامل مواد سان ٺهڪندڙ نالو نظر تي نه پيو چڙهي. نيٺ ڪافي وقت جي مٺا ڪٽ، غور فڪر ۽ سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ سڄڻ وراڻيو: ڀلا جيڪو خاڪو ذهن ۾ ڦرئي ٿو، ان کي پنهنجن لفظن ۾ پيش/ڏسو صفحو 5 بقايا 01

 ڇو نه ٿو ڪرين. جنهن جي مشابهت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن مان هجي. اها ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي. ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ ڀٽائي رهنمائي ڪئي. چيم: ‘چارڻ چوريو چنگ’. کانئس به واهه واهه نڪري وئي. ان نالي کي فائينل ڪري ٽائيٽل لاءِ مواد ڪپتان ابڙي کي ميل ڪيم، جنهن سنڌ جي نقشي ۾ هڪ انقلابي قسم جو بهترين ٽائيٽل ٺاهي موڪليو. جنهن کي سنڌ جيان مون به دل سان قبول ڪيو.

30 مارچ 2026ع تي دادوءَ جي ڪرمنل ڪورٽ مان ام رباب ڪيس جي آيل منجھيل فيصلي دل ۾ جھوري وجھي ڇڏي. جنهن بعد سرچي ويهڻ نه آيو. من اندر جي درد ۽ اڌمن کي ڪالم جو ڪينرو پاتم. پوءِ “چارڻ چوريو چنگ” جي سِري سان مستقل ڪالم لکڻ لاءِ دل چيو. پر لکڻ پڙهڻ جي کوڙ سارين مصروفيتن سبب ان سلسلي کي مستقل طور تي نه ٿو هلائي سگھجي. پر پوءِ به جيڪو حال پريان نال اوربو رهبو. اسان جو ڪالم ڪنهن مظلوم جي آهه _ درد ونديءَ دل جي دانهن بڻجي پيو ته پورهيو سجايو  ٿيو.

جڏهن به ڪنهن اخبار ۾ هفتيوار ڪالم ڪنهن سِري _ منڍ سان لکندو آهيان ته پهريون ڪالم ان “عنوان” تي ئي لکندو آهي. اهڙي قسم جو انداز مونکي وڻندو آهي، جيڪو مون بزرگ ليکڪن کان سکيو. اعجاز منگي پنهنجي ڪالم جي “سِري _ عنوان” تي پهرين نه پر هلندي هلندي وچ ۾ اچي وضاحت سان لکندو آهي. جيئن حيدرآباد جي هڪ روزاني اخبار لاءِ “ڪانگ تڙو” تي لکيائين. چنگ سنڌ جو قوي ساز آهي يا ناهي، ان جي تصديق آئون نه ٿو ڪري سگھان.

ڪالم: چارڻ چوريو چنگ، جي  سلسلي ۾ سنڌ، دنيا جي هر مظلوم جي دانهن _ درد ۽ اڌما ۽ سڏڪا سڏ بڻبا. دردونديءَ ديس جون آهون دانهون ۽ پڪارون وس وارن تائين پهچنديون، جن جو ضرور درمان ٿيندو. چنگ جو آواز تاريخ جي ورقن ۽ حاڪمِ وقت جي اڳيان عوام جو آواز بڻجي گونجندو.

‘چارڻ چوريو چنگ’ ۾ اڄ جي دانهن دنيا جي انهن مظلومن جي آهي، جن تي آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجي سٿ سميت بارود جي باهه وسائي رهيا آهن. دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪندڙ ملڪن جا سربراهه آمريڪا کي اهڙي عمل کان روڪڻ بجاءِ امن جي نوبل ايوارڊ لاءِ چونڊي رهيا آهن. ڳالهه آهي جٺ آھي، دنيا ۾ واحد ملڪ ايران ئي آهي، جيڪو مزاحمت ڪندو پيو اچي. ايران _ آمريڪا جنگ ۾ آخري فتح ايران جي ٿيندي. آمريڪا جو غرور خاڪ ۾ ملي ويندو. ٽرمپ هنن حالتن ۾ مڪمل وائڙو نظر اچي رهيو آهي. وقت ثابت ڪندو ته فاتح مظلوم ئي بڻبو.

[email protected]