نيويارڪ (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪار ۽ موسيقار جيرڊ ليٽو تي چار عورتن جنسي زيادتيءَ جا الزام لڳايا آهن. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سيءَ جي نئين ڊاڪيومينٽري فلم ’جيرڊ ليٽو: هالي ووڊ ڊارڪ سيڪريٽ‘ ۾ مجموعي طور تي ڏهه عورتن اداڪار خلاف الزام لڳايا آهن، جن مان نو عورتون منظرِ عام تي آيون آهن.دستاويزي فلم ۾ شامل سڀني عورتن جو چوڻ آهي ته اهي واقعا 2002ع کان 2016ع جي وچ ۾ پيش آيا، جڏهن جيرڊ ليٽو جي عمر 30 ۽ 40 ورھين جي وچ ۾ هئي. اداڪار پاران ترديد ڪئي وئي.