| چاغي حملي جي شهيدن ۾ ٽنڊي جان محمد واسي انجنيئر به شامل |
ٽنڊوجان محمد (ن پ ا) بلوچستان جي ضلعي چاغي جي صدر مقام دالبدين جي شمال مغرب طرف واقع علائقي دريگون ۾ مسلح دھشتگردن طرفان ھڪ مائنگ ڪول ڪمپني تي ڪيو ويو جنھن جي نتيجي ۾ مائنگ ڪمپني بطور انجنيئر ڪم ڪندڙ ٽنڊوجان محمد واسي انجنيئر شفيق احمد قائمخاني به مارجي ويو آهي. جڏھن ته مجموعي طور تي ڪمپني جا تقريباً ڏھ ملازم مارجي ويا آهن واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز جي ادارن علائقي کي گھيري ۾سرچ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏھن مارجي ويل انجنيئر شفيق احمد قائمخاني جو ميت اباڻي شھر ٽنڊوجان محمد آندي پئي وڃي مير پھچڻ تي نماز جنازه ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي ويندي.