لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ بنا لائسنس ۽ هيلمٽ جي موٽر سائيڪل هلائيندڙن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص نه رڳو پاڻ هيلمٽ پائي گڏهه گاڏو هلائي رهيو آهي پر هن گڏهه کي به هيلمٽ پارايو آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن ائين ڇو ڪيو آهي ته هن وراڻيو هيلمٽ نه پائڻ تي چالان ٿيو هو.