چانهه جي ڪپ تي وڏا فيصلا ٿيا، 40 هزار ٽي ٽي پي ڪارڪن پاڪستان آندا ويا: نائب وزيراعظم

جنوري 3, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چانهه جي هڪ ڪوپ تي سخت فيصلا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان 40 هزار ٽي ٽي پي جا ماڻهو پاڪستان ۾ داخل ٿيا. پرڏيهي کاتي ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائپ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ جي معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، 2024ع اسان لاءِ اهم سال هو، چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کي عوام طرفان مينڊيٽ مليو، شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊيو ويو، ڪيترائي چيلينج سامهون هئا، چيو ويندو هو ته پاڪستان سفارتي اڪيلائپ جو شڪار آهي، اسان جي دور ۾ سڀني شعبن ۾ ڪم شروع ٿيو. هن چيو ته 35 کان 40 هزار ٽي ٽي پي جا ماڻهو واپس پاڪستان آيا، ڪنهن چانهه جي پيالي تي انهن جا بارڊر کوليا ۽ ڪنهن ٽي ٽي پي جا ماڻهو آزاد ڪيا؟ سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جو پرڏيهي وزير اپريل ۾ اسان جي دعوت تي پاڪستان آيو، وڏيون ڪامياب ملاقاتون ٿيون، ايران جو اعليٰ وفد پڻ پاڪستان آيو، ورلڊ اڪنامڪ فورم سعودي عرب ۾ ٿيو، پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪئي.

Leave A Comment