چانڊيا تمندار قتل ڪيس: سيڪيورٽي پلان جاري، هاءِ الرٽ

چانڊيا تمندار قتل ڪيس: سيڪيورٽي پلان جاري، هاءِ الرٽ

ميهڙ (ن پ ا) ام رباب چانڊیو جي ڏاڏي چاچي ۽ والد جي قتل ڪيس جو فيصلو 30 مارچ تي ٻڌائڻ دوران دادو پوليس پاران پوري ضلعي ۾ سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آهي ايس ايس پي دادو پاران جاري ڪيل پلان مطابق پوري ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاء الرٽ رهندي سنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي پلان موجب 30 مارچ 2026 تي سيڪيورٽي جي حوالي سان مڪمل پلان جوڙيو ويو آھي جنھن ۾ ان ڏھاڙي تي 6 ڊي ايس پي 33 ايس ايڇ او 69 اي ايس آء 390 پوليس اهلڪار 41 ليڊيز پوليس اهڪار سميت 539 پوليس عملدارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 30 پوليس موبائيل 20 موٽر سائيڪل دستا مقرر ڪيا ويا آهن پلان موجب دادو شهر ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي ميهڙ شهر ۾ ام رباب چانڊیو جي گھر ۽ ميهڙ انڊس هاءِ وي تي عارضي چيڪ پوسٽ قائم ڪيون وينديون