چانڊڪا اسپتال ۾ چاپڙ ڪرڻ سبب مريض عورت زخمي

آگسٽ 13, 2023

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي ڊپارٽمينٽ جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، مريض عورت زخمي ٿي پئي

گذريل رات دير سان چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي ڊپارٽمينٽ جي عمارت ۾ عورتن واري وارڊ جي ڇت جا چاپڙ اوچتو مريضن مٿان ڪري پيا

وارڊ ۾ داخل عورت سخت زخمي ٿي پئي جڏهن ته ٻيا مريض معجزاني طور بچي ويا، گردن جي مرض ۾ مبتلا زخمي عورت کي فوري طور تي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي

ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته ڊائيلاسز وارڊ ۾ مشينري  ناڪاره بڻيل هجڻ سان گڏ عمارت به زبون بڻيل آهي

نيفرولاجي وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر غلام عباس قادري جو چوڻ هو ته اسپتال جي مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئر پرسن ۽ وائيس چانسلر شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر نصرت شاھه ۽ ايم ايس چانڊڪا اهڙي صورتحال کان واقف آهن

جڏهن ته اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ مريضن جو علاج ممڪن نه ٿو ٿي سگھي جنهن ڪري وارڊ کي بند ڪرڻ جي مشاورت ڪئي ويندي

ياد رهي ته ڪجھه ڏينھن اڳ سول اسپتال جي سرجيڪل اوپي ڊي وارڊ جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڪري پيا هئا

ايم ايس چانڊڪا ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي رابطي تي ٻڌايو ته ڪيتريون عمارتون پراڻيون آهن جن کي بهتر ڪرائڻ لاءِ صحت کاتي جي اختيارين کان لکيو آهي جلد انهن کي بهتر بڻايو ويندو

Leave A Comment