چانھونءَ جي دڙي جِي کوٽائيءَ جا ڏھه سالَ ۽ ٿيندڙ ناانصافي

                 تازو خبر سامهون آئي آهي ته فرانس جي ھڪ ٽيم پاران چانھونءَ جي دڙي تي ٿيندڙ تحقيق کي ڏهه سالَ مڪمل ٿي چُڪا آهن. نوادرات کاتي جي طرفان انهيءَ موقعي تي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي پر افسوس جو ان ڪانفرنس ۾ ٿيل ڳالهين، تحقيقاتي لاڙن ۽ نتيجن بابت عوامي سطح تي ڪابه واضح ڄاڻ مهيا نہ ڪئي وئي. ڄڻ ته اها ڪانفرنس به رڳو رسمي رهي، جنهن جو مقصد علمي واڌارو نه پر بيٺڪيت colonialism واري دؤر جي جھلڪ ھئي، جنھن ۾ علائقي جا پيرَ، وڏيرا ته موجود ھئا ۽ زرداري ھائوس ۾ رونق به ھئي پر ڪوئي آرڪيالاجي جو ماھر يا پروفيسر سنڌ مان موجود نہ ھو! سنڌ جي بدقسمتي ايتري آھي جو ان اداري اندر جيڪي ڪميشن جي پوسٽن تي ويٺا آھن، انھن مان ھڪ به ڊگري يافتہ آرڪيالاجسٽ ناھي ان تي ھر ڪوئي خاموش آھي. سنڌ جي ھن تاريخي ماڳ تي سنڌين جو حق اول آھي يا پنجاب، ڪي پی ڪي، بلوچستان جي پٺاڻن، ڪشميري ۽ گلگتين تائين جي شاگردن جو حق آھي؟ پر مجال جو ھنن نان ٽيڪنيڪل ماڻھن ھوندي ڪو سنڌي نوجوان آرڪيالاجسٽ ان جو فائدو وٺي سگھي. ياد رھي ته اسلام آباد ۾ چانھونءَ جي دڙي تي ٻه ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، جنھن ۾ فرانس جي ان ٽيم پنھنجي تحقيق کي گھٽ پر نمائش بازيءَ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌ مان نه ڪنھن شاگرد کي گھرايو ۽ نه ئي وري ڪنھن استاد کي ئي گھرايو. ان مان ھنن جي سازش واضح ظاهر ٿئي ٿي.

 چانھونءَ جي دڙي جِي ھن ٽيم سان گڏ 2017ع ۾ مون به ڪم ڪيو، جنھن وقت ئي مون کي اندازو ٿي چُڪو ھو ته ھتي اسان کي صرف نالي ماتر رکيو ويو آھي، جڏھن ته تحقيق بابت ڄاڻ ڏيڻ يا ٽريننگ ڏيڻ جو ڪوبه بندوبست نه ٿيل ھو. اسان اتي جيڪي ڪوتاھيون ڏٺيون، انھن بابت ڳالھايوسين، جنھن کانپوءِ سواءِ ثقافت کاتي اندر ويٺل ييس مين جي، ٻيو ڪنھن شاگرد کي ٻيھر چانھونءَ جي دڙي جِي کوٽائي پروجيڪٽ ۾ نه گھرايو ويو آھي پر ساڳي ئي ماڳ جي نوادرات مان فرانسيسي شاگرد اليگزينڊر ايم فل جي ٿيسز به ڪئي ۽ ھاڻي شايد پي ايڇ ڊي به ڪري چُڪو ھوندو آھي.

2023ع دؤران فرانس جي ھن ٽيم کي ھڪ بلڊنگ مان ٻارنھن ماڻھن جا ڍانچا Human Skeleton مليا، جيڪي ھنن محفوظ نه ڪيا ۽ انھن کي مڪمل طور مسمار ڪري ڇڏيو! ساڳي ئي ڪالونيئل آرڪيالاجيءَ ريت پاڙيندي جيئن ماضيءَ ۾ جان مارشل ۽ مورٽيمر ويلر پاران ڪيو ويو پر انھن کي ايترو قياس ٿيو جو انھن ڍانچن جي تصويري ڊاڪيومينٽيشن ڪئي، ھينئر فرانس جي ٽيم وٽ سنڌو تھذيب جو ڪو وڏو ماھر تحقيقدان شامل ئي نه آھي! اليگزينڊر کي آئون چڱي ريت سڃاڻان. ھي نوادرات کاتي ۾ ويٺل نان ٽيڪنيڪل ماڻھن کي ماڳ جي ديوارن جا 3D ماڊل ٺاھي ڏيکاري بيوقوف بڻائي ويٺو آھي. باقي ڏھن سالن جي پروجيڪٽ دؤران ھنن ھڪ بہ لکت دستاويز ڪو واليوم ڇپرائي ناھي آندو. ھنن جي ڏھن سالن جي پروجيڪٽ ۾ سنڌ جي آرڪيالاجي جي تحقيق ۾ ڪھڙا نوان لاڙا متعارف ڪرايا آھن!؟ اھو سوال نوادرات کاتي جي ذميوارن اڳيان رکون ٿا.

ڪالونيئل آرڪيالاجيءَ جو ذڪر بار بار آئون انڪري به ڪريان ٿو جو ھتي انڊيجينئس ماڻھن کي پنھنجي شناخت کان پري رکيو ٿو وڃي ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي پٺاڻن سميت گلگتين کي به مختلف انٽرنشپ ذريعي فرانس ۾ سھولتون فراھم ڪيون ٿيون وڃن ۽ جديد ليبارٽرين جي ڄاڻ ڏيڻ سميت مختلف تحقيقن ۾ آسانيون ڏنيون ٿيون وڃن پر سنڌ جي آرڪيالاجي ۽ اينٿروپولاجي جي شاگردن کي مڪمل طور پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. ايتريقدر جو اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن کي به ڪنھن قسم جو موقعو فراھم نه ٿو ڪيو وڃي! ھاڻي تہ کوٽائيءَ جي حصي ۾ به سنڌ جا شاگرد شامل نه آھن. ان ادارتي نااهليءَ تي ڪو ئي آهي جيڪو پڇاڻو ڪرائي ۽ پنھنجي شناخت جي بقا لاءِ سنجيدا آواز اٿاري؟

دنيا ۾ آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي شعبي کي انتهائي علمي سنجيدگيءَ سان وٺي ماهرانا نگرانيءَ ۾ اڳتي وڌايو وڃي ٿو پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. سنڌ جي تاريخي ماڳن سان اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، ڄڻ اهي ڪنهن ٻي ڌرتيءَ جا ورثا هجن. پهرين ته انهن ماڳن کي “قدرتي آفتن” جو نتيجو چئي سنڌ جي تاريخي وجود کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جڏهن سنڌ جي عالمن ۽ مفڪرن جي جدوجهد سان اهو ڪوڙو پردو هٽايو ويو ته وري انهن ئي ماڳن کي اهڙن هٿن حوالي ڪيو ويو، جن وٽ نه علمي قابليت آهي، نه اخلاقي امانتداري. نوادرات کاتي جي اعلي عھدن تي ھڪ بہ ماڻھو آرڪيالاجي شعبي جو ڊگري يافتہ نه آھي.

نوادرات کاتي جو طرزِ عمل ساڳي سامراجي پاليسيءَ جي ياد ڏياري ٿو، جيڪا انگريز دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ لاءِ اختيار ڪئي وئي هئي، جن آريا قوم جو ھٿ ٺوڪيو مفروضو قائم ڪيو ۽ چيو تہ ھي سڀ شھر آرين جي ڪنٽرول کانپوءِ ھن اوج تي پھتا ھئا. جڏھن ته تحقيقن وسيلي ھاڻي واضح ٿي ويو آھي تہ آريا نالي ڪابه ٻاھرين مخلوق ھتي نه آئي آھي. ھاڻي وري تاريخي حقيقتون لڪائڻ خاطر اصلوڪن تحقيقدانن کي ماڳن کان پري ڪيو پيو وڃي ۽ وري کوٽائين جي رپورٽ پڻ لڪائي وڃي ٿي. ساڳي طريقي سان سنڌ جي آرڪيالاجي ماهرن ۽ شاگردن کي پنهنجن ئي ماڳن جي کوٽائيءَ ۽ تحقيق مان ٻاهر رکيو ويو آهي.

فرانس مان آيل تحقيقاتي ٽولي کي چانھونءَ جي دڙي تي مڪمل اختيار ڏنو ويو آھي پر انهن پنهنجي سڄي تحقيق ۽ نتيجن کي سنڌ جي يونيورسٽين جي شاگردن سان شيئر ڪرڻ بدران ٻاهرين ادارن ۽ ماهرن لاءِ محفوظ ڪيو آھي، نه رڳو ايترو پر جڏهن اسڪالرشپ ۽ تربيت جا موقعا آيا ته انهن ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ گلگت جي شاگردن کي شامل ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي پڙھندڙ شاگردن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي. ھي نظرانداز ڪرڻ اتفاقي يا انتظامي کوٽ جو نتيجو ناهي، بلڪه هڪ منظم سازش آهي. سنڌ جي شاگردن کي پنهنجي ئي تاريخ کان بيگانو ڪرڻ جي سازش.

گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ مان ڪنهن ھڪ به شاگرد کي چانھونءَ جي دڙي يا ٻين ماڳن جِي کوٽائيءَ جي منصوبن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، اھو ڪم اڄڪلهه اداري جي ئي ماڻھن جي ٺاھيل ٺيڪيدار ۽ ٺيڪيدار ٽولي ھٿان ڪيو وڃي ٿو. اهو عمل نه رڳو علمي ناانصافي آهي پر هڪ وڏو تاريخي نقصان پڻ آهي، ڇو⁠ ته جڏهن ڌرتيءَ جا اصلي شاگرد پنهنجي ئي ورثي جي تحقيق کان پري رکيا وڃن ٿا ته پوءِ علم جي حيثيت به سامراجي مفادن جي تابع ٿي وڃي ٿي. اسان کي هن صورتحال ۾ خاموش رهڻ نہ گهرجي.

سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي زمين ۽ سنڌ جا قديم آثار سنڌي قوم ۽ شاگردن جا گڏيل ورثا آهن، جن تي ڪنهن ٻاهرين يا ڪرپٽ اداري جي اجاري داري قبول نٿي ڪري سگهجي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ موجود آرڪيالاجي شعبي جي معزز استادن سميت سموري سنڌ جي شعور کي اھو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته چانھونءَ جو دڙو ۽ ٻين تاريخي ماڳن جِي کوٽائيءَ جي منصوبن سميت نوادرات کاتي ۾ اھم عھدن تي سنڌ جي آرڪيالاجي جي شاگردن ۽ ماهرن کي فوري طور شامل ڪيو وڃي. گڏوگڏ سڀ تحقيقي رپورٽون ۽ نتيجا عوامي طور تي دستياب ڪيا وڃن.

سنڌ جي آرڪيالاجي شعبي کي سياسي ۽ ادارتي اجارن مان آزاد ڪيو وڃي. چانھونءَ جو دڙو رڳو هڪ قديم ماڳ نه پر سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ جو زنده ثبوت آهي. جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ آواز نه اٿارينداسين ته ايندڙ نسلن وٽ صرف ۽ صرف تصويرون، قصا ۽ افسوس رهجي ويندو. گڏوگڏ اسان جي خاموشي پڻ سوين سوالن جو سبب بڻجندي!