چاهيون ٿا اجمل ساوند قتل معاملي جو به نبيرو ٿئي: سردار تيغو تيغاڻي

جُون 14, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ساوند-سندراڻي ڪارنهن تڪرار جي خاتمي سميت اجمل ساوند قتل معاملي کي نبيري ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ جو سردار تيغو خان تيغاڻي جو موقف سامهون آيو آهي

سردار تيغو خان تيغاڻي پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان چاهيون ٿا ته ساوند- سندراڻي ڪارنهن خوني تڪرار سميت شهيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل واري مسئلي جو به نبيرو ڪيو وڃي ته اهو علائقي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو

سندس چوڻ هو ته  پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل 6 ڪروڙ عوام جو ۽ شعور جو قتل آهي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي بي گناه قتل ڪيو ويو

سردار تيغو خان تيغاڻي چيو ته اجمل ساوند کي سندراڻي ڌر جي ماڻهن ڪارنهن معاملي تي قتل ڪيو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي اسان چاهيون ٿا ته سندراڻي ۽ ساوند ڪارنهن واري مسئلي سميت اجمل ساوند جو مسئلو حل ٿئي

هن وڌيڪ چيو ته اجمل ساوند جي قتل معاملو الگ حل ٿيندو ۽ سندراڻي ۽ ساوند ڪارنهن وارو تڪرار الگ حل ٿئي اسان جي ڪوشش اها ئي آهي

Leave A Comment