ايران ۽ آمريڪا جي جنگ بندي هن وقت تائين جاري آهي، ۽ ڳالهين جي ٻئي مرحلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سول ۽ عسڪري سفارتڪاري به زور شور سان هلندي پئي وڃي. صدر ٽرمپ اسان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل تي صدقي صدقي پيو ٿئي. فقير راحمون کي سٺ سال اڳ جا مهينا، ڏينهن ۽ موسمون ياد اچي رهيون آهن، جڏهن چاچا ڦتو ميراثي ٻن آنن جي بخشش ملڻ تي ان “ڏاتار” جي ست پيڙھين جي سخاوت جا قصا بيان ڪندو هو، ۽ ثابت ڪندو هو ته جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته اسان جا چلها ئي نه ٻرن ها.
اسان ٽرمپ کي سٺ سال اڳ واري چاچا ڦتو ميراڻيءَ وانگر نه سمجهيو ھو ۽ نه ئي سمجھون ٿا. هر دؤر جو پنهنجو پنهنجو چاچا ڦتو هوندو آهي. آمريڪا ۾ به هوندا، پر اسان جو ڇا! هجن يا نه هجن. معاف ڪجو، اسان کي ته جنگ بندي ۽ ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ جاري سول ۽ عسڪري سفارتڪاريءَ تي ڳالهائڻو هو، پر چاچا ڦتو ميراڻيءَ جو ذڪر فقير راحمون ائين ئي وچ ۾ آڻي ڇڏيو. نه ته ڪٿي اسان جي ٻالڪپڻ وارو چاچا ڦتو، ۽ ڪٿي دنيا جي واحد سپر طاقت آمريڪا بهادر جو صدر، عالي جناب ڊونلڊ ٽرمپ – ٻنھي جو ڪهڙو مقابلو، ڪهڙو جوڙ، ڪهڙي ھڪجھڙائي!
ايران ۽ آمريڪا جي جنگ بندي ٿڙڪي رهي آهي. ڪڏهن ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ جاري سفارتڪاري، ته ڪڏهن جنگ ۾ ڪوڙ وڪرو ٿئي ٿو. جنگ بندي جي ڏينهن ۾ پروپيگنڊا وار ھلي ٿي – ۽ اهو ئي ٿي رهيو آهي. جنگ جو ٻيو ڪو فائدو هجي يا نه هجي، هڪ فائدو ضرور هوندو آهي: خوف گھڻو وڪرو ٿيندو آهي. پر جنهن جنگ جي جنگ بندي ھلي رھي آھي، ان ۾ خوف ڪيترو وڪرو ٿيو، اها ته خبر ناهي، البت اهڙا اهڙا ڦڙٻاٽي ڏٺا ۽ سندن “ڏاھپ” مان فائدو وٺڻ جو موقعو مليو، جو لڳي ٿو ته جيڪڏهن “اهي” نه هجن ها ته اسان کي ڪير ٻڌائي ها ته امن جو ڪمبل ڇو چوري ٿيو.
خير، انهن ڳالهين کي ڇڏيو – انهن ۾ ڪجهه به ناهي رکيل. ڏسڻو ۽ سمجهڻو اهو آهي ته جنگ بندي جي ڪک مان ڳالهين جو ٻيو مرحلو نڪري ٿو يا جنگ جو ٻيو مرحلو؟ اسان جي راءِ ۾ اصل ڳالهه اها ئي آهي. پر هلندڙ پروپيگنڊا وار مان صحيح ۽ غلط کي الڳ ڪيئن ڪجي؟ تازي خبر اها آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن اربع تائين معاهدو نه ٿيو ته جنگ بندي ختم ٿي ويندي.
جنگ ۽ معاهدي جي وچ ۾ رڳو اڄوڪو اڱاري جو ڏينهن بچي ٿو. اربع تي فيصلو ٿيڻو آهي – يا ته معاملو سرچاءَ ڏانهن وڃڻو آهي يا جنگ ٻيهر شروع ٿيڻي آهي. ٻي پاسي، ايراني سپريم ڪائونسل فيلڊ مارشل عاصم منير جي ٽن ڏينهن واري ايران جي دوري جي پڄاڻيءَ تي جيڪا پڌرائي جاري ڪئي، ان جي اهم ڳالهه اها آهي ته “فيلڊ مارشل نيون آمريڪي تجويزون پهچايون ۽ ايران جي موقف کان آگاهي حاصل ڪئي؛ آمريڪي تجويزن جو جلد جواب ڏنو ويندو.”
ايراني سپريم ڪائونسل جي هن پڌرائي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ، ايران آمريڪي ناڪابندي ختم نه ٿيڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ھرمز واري سامونڊي لنگهه کي بند ڪري ڇڏيو. ان لنگھہ جي ٻيهر بندش تي ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اهو قدم آمريڪا جي بدنِيتي جو جواب آهي. هرمز واري سامونڊي لنگهه جي ٻيهر بندش ۽ ٽرمپ جي اها ڌمڪي ته جيڪڏهن اربع 22 اپريل تائين معاهدو نه ٿيو ته ايران تي بمباري ڪئي ويندي – انهن ٻنهي ڳالهين سبب بي يقيني ۽ خوف جي نئين لهر پيدا ٿي وئي آهي.
اهو درست آهي ته ايران- آمريڪا ڳالهين جي ٻئي مرحلي بابت ڪالھہ سومر 20 اپريل جون ڳالهيون رڳو تجزيه نگارن جي اندازن کان وڌيڪ ڪجهه نه هيون. ان جو سبب اهو آهي ته خود آمريڪي صدر به واضح ناهي ته هو آخر چاهي ڇا ٿو.
ڇنڇر جي ڏينهن ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر صدر ٽرمپ جي بيانن تي دلچسپ تبصرو ڪيو. هن چيو ته ٽرمپ ڇهن ڪلاڪن دوران نَو بيان ڏنا، ۽ انهن مان ڪو ھڪ به ٻئي سان نه ٿو ملي. ظاهر آهي ته اها ڳالهه درست لڳي ٿي. صدر ٽرمپ ڪڏهن ڇا چوي ۽ ڇا چاهي، اهو چوڻ ڏکيو آهي.
بدقسمتي چئجي يا اتفاق، جيئن به چئو، آمريڪي تاريخ ۾ اهڙو ڊاڙي صدر اڳ ڪڏهن نه ڏٺو ويو. بهرحال، اها آمريڪين جي پنهنجي چونڊ آهي، اسان ۽ اوهان ڇو تنقيد ڪريون؟ البت، آمريڪين جي هن “چونڊ” سڄي دنيا کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اٺ جنگيون بند ڪرائڻ جو دعويدار اڳ ۾ وينزويلا جي صدر کي سندس زال سميت اغوا ڪري آمريڪا وٺي ويو، ۽ پوءِ پنهنجي ساٿي نتنياهو جي وچ اوڀر ۾ صوبيداريء کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايران تي جنگ مڙھي ڇڏي. ساڳئي عرصي ۾ اسرائيل لبنان تي به چڙهائي ڪري ڇڏي.
ايران تي هاڻوڪي مڙهيل جنگ سبب بيشڪ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. اهو به درست آهي ته ايرانين پنهنجي جنگي حڪمت عملي سان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. جيتوڻيڪ اهي تڪليفون ايران جي قومي ۽ مالي نقصان جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهن، پر هن جنگ جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ اسرائيلي صوبيداريء جو پائيدار نظام ٺاهڻ جون خواهشون به ڌوڙ ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.
رڳو اهو ئي نه، پر وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا پراڻا عرب اتحادي به هاڻي سمجهي ويا آهن ته آمريڪا سندن دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. انهيءَ سوچ سبب عرب ملڪ پنهنجي پرڏيهي ۽ قومي سلامتي جي پاليسين ۾ تبديليون آڻيندي نظر اچي رهيا آهن. ڇا ٽرمپ هن سڄي صورتحال سبب وائڙائپ جو شڪار آهي؟
اسان جي خيال ۾، هن سوال کان اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. پل ۾ تولو، پل ۾ ماشو – صدر ٽرمپ ڀلي مڃي يا نه، پر سندس ٻولي ۽ جسماني لوڏ مان اهو تاثر مضبوط ٿئي ٿو ته ايران کي “چئن ڏينهن جي مار” سمجهڻ واري سندس سوچ ناڪام ٿي وئي آهي، ۽ هاڻي هو پنهنجي اظهار تي ضابطو نٿو رکي سگهي. انهيءَ ڪري سندن گهڻن بيانن تي فقير راحمون کي چاچا ڦتو ميراثي ياد اچي ويندو آهي.
ايران-آمريڪا ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ جاري ڪوششن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا، ۽ ڇا آمريڪي صدر پنهنجي دعوائن موجب ڪامياب ٿيندو؟ في الحال ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي. پر لڳي ٿو ته ايران پنهنجا يورينيم جا ذخيرا آساني سان آمريڪا حوالي نه ڪندو. مستقل جنگ بندي لاءِ جيڪڏهن آمريڪا جا شرط آهن، ته ايران جا به يقيناً ڪجھه شرط آهن. ايترو ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ ايران ڇو آمريڪا جا سڀ شرط بنان ٻڙڪ ٻولڻ جيئن جا تيئن جي مڃيندو؟ ڇا ايراني قيادت مڙهيل جنگ جي نقصان ۽ هرجاني جي شرط تان هٿ کڻندي؟ يا ايران پنهنجن منجمد اثاثن جي واپسي جي شرط تان دستبردار ٿيندو؟ ظاهر ۾ ته اهو ممڪن نٿو لڳي ته ايران انهن سميت پنهنجي ٻين شرطن تان هٿ کڻندو، ۽ نه ئي اهو لڳي ٿو ته صدر ٽرمپ “فتح جو ڪيڪ” ڳڙڪائي سگهندو.
هاڻي سوال اهو آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو – جنگ بندي ۾ وڌيڪ عارضي واڌ يا جنگ جو ٻيو مرحلو؟ جنگ جو ٻيو مرحلو دنيا لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ڪندو، ان کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو؟ انهن حالتن ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته مسئلن جو حل ڳالهين جي ميز تي نڪرڻ گهرجي، جيڪو نه صرف ڌرين پر عالمي برادري لاءِ به بهتر آهي. پر بدقسمتي سان، لڳي ٿو ته آمريڪي صدر لاءِ عالمي برادري ۽ انسانيت کان وڌيڪ پنهنجي انا ۽ ھوڏ وڌيڪ اهم آهي، جيڪا امن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي۔