جيڪب آباد(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت 1500 گرام چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار
جاويد لاشاري کي 9 سال قيد ۽ 80 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ هڪ سال قيد جي سزا ڪاٽيندو
ياد رهي ته مولاداد پوليس 14 آڪٽوبر 2022 تي جوابدار جاويد لاشاري کان چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو