چمبڙ ويجهو ٻار اغوا جي ڪوشش، عورتن جو ٽولو گرفتار

چمبڙ ويجهو ٻار اغوا جي ڪوشش، عورتن جو ٽولو گرفتار

چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ويجهو ڄارڪي اسٽاپ لڳ ڳوٺ خان محمد بوزدار ۾ مبينا طور عورتن جي هڪ ٽولي پاران هڪ  6 ورھين ٻار زيد حيسن ولد عامر بوزدار  کي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.اطلاع موجب، ٻار جي رڙين ۽ دانهن تي ڳوٺاڻا فوري طور گڏ ٿي ويا ۽ عورتن جي ٽولي کي پڪڙي ورتو.عورتن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳوٺاڻن ناڪابندي ڪري کين فرار ٿيڻ نه ڏنو. واقعي جي اطلاع تي چمبڙ پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ عورتن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پڪڙيل ٽولي ۾ 10 عورتون آھن  جنھن  معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي