چمبڙ ڀرسان نانگ جي ڪکڻ سبب نينگري فوت

سيپٽمبر 26, 2023

چمبڙ (ن پ ا )  چمبڙ جي ڳوٺ بودو سولنگي ۾ 16ورھين جي انيتا  ڌيءُ مقبول سولنگي کي گھر اندر نانگ ڪکي وڌو

جنھن کي  وارثن  کڻائي چمبڙ اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نانگ جي ويڪسن ڪري وڌيڪ علاج لاءِ نينگري کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو  ويو

نينگري اسپتال ويندي ئي  رستي ۾ ڌم  ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو

Leave A Comment