چمن ۾ افغان طالبان ۽ خارجين جو حملو، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب، چوڪيون ۽ گاڏيون تباهه

  چمن ۾ افغان طالبان ۽ خارجين جو حملو، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب، چوڪيون ۽ گاڏيون تباهه

اسلام آباد (م ڊ) پاڪ-افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي اڳرائيءَ تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي. جڏهن ته افغان طالبان اڳواڻن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن ۽ طالبان جي پنهنجي ئي اڳواڻ قيادت تي نسلي مت ڀيد جو الزام لڳايو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون چوڪيون ۽ گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي ڪارروائين افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جو دفاع وطن لاءِ مضبوط عزم ملڪ جي سالميت کي يقيني بڻائي رهيو آهي، پاڪ فوج جو آپريشن غضب للحق سمورن مقرر هدفن جي حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو. ٻئي طرف اتر افغانستان جي هڪ تاجڪ طالبان ڪمانڊرمولوي عبدالقادر سعد طالبان قيادت تي الزام لڳايو آهي ته هو پشتونن جي اڪثريت واري تحريڪ هلائي رهيا آهن ۽ غير پشتون علائقن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. مسجد ۾ ڳالهائيندي مولوي سعد ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ان جي ممڪن رد عمل کان خبردار ڪندي چيو ته ڪجهه اتر تاجڪ طالبان پنهنجن برادرين کان انتقام کان ڊڄن ٿا. هن اهو به الزام لڳايو ته ڌنارن ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن کي اعليٰ عهدن تي رکيو پيو وڃي ۽ مقامي آبادي تي مسلط ڪيو پيو وڃي. هن خبردار ڪيو ته طالبان جي حڪومت ممڪن طور تي ختم ٿي سگهي ٿي طالبان اڳواڻ پنهنجي تاجڪ برادرين کان ڊڄي رهيا آهناڄ اسان جي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي برادري ۾ بي عزتي ٿي رهي آهي. اسان کان اسان جي عزت کسي وئي آهي، اسان کان اسان جي جهاد جو فخر کسيو ويو آهي. اسان وٽ ڪا به طاقت باقي ناهي. ٻئي طالبان ڪمانڊر صلاح الدين سالار لکيوته اسان اهي سڀئي طعنا ۽ اڳڪٿيون پڻ ٻڌيون جيڪي اسان جي مخالفن توهان بابت ڪيون هيون، پر اسان انهن تي يقين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اسان جي مخالفن جي هر ڳالهه سچ ثابت ٿي.