چمي وارو منظر ڇو رڪارڊ ڪرايو ؟ ڪاجول سبب ٻڌائي ڇڏيو

چمي وارو منظر ڇو رڪارڊ ڪرايو ؟ ڪاجول سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪاجول ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ اصول ٽوڙي چُمي سان سين عڪسبند ڪرائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي بلاڪ باسٽر فلمون ڏيندڙ ڪاجول پنهنجي او ٽي ٽي ڊيبيو، دي ٽرائل: پيار، قانون، دوکو ۾ اهڙو قدم کنيو، جنهن کان هوءَ ماضي ۾ ڪيٻائيندي هئي. ڪاجول ڊگهي عرصي کان اسڪرين تي چمي ڏيڻ جي منظرن کان پري رهي پر ان سيريز ۾ هن اهو اصول ٽوڙي ڇڏيو. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اهو فيصلو مڪمل طور تي ڪردار جي ضرورت تحت ڪيو ويو، اهو رڳو منظر نه هو پر ڪردار جي جذبن ۽ سوچ جي عڪاسي ڪندڙ هو ۽ ان کي هٽائڻ سان ڪهاڻي کي نقصان ٿئي ها. ڪاجول اعتراف ڪيو ته ان منظر کي عڪسبند ڪرائڻ کان اڳ غير يقيني ۽ بيچيني جو شڪار هيس، پر مان ان کي پنهنجو پيشيوراڻو فيصلو سمجهندي انجام ڏنو. سيريز ۾ هن اهو منظر اداڪار جيشو سين گپتا سان فلمايو هو.