| چنڊ نظر نه آيو: عيد الفطر سڀاڻي ٿيندي |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو عيدالفطر ڇنڇر تي ٿيندي. شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪاميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو. ذريعن موجب پشاور ۾ چنڊ ڏسڻ جون 6 شاهديون مليون هڪ شخص پاڻ زونل ڪميٽي پهچي شاهدي ڏني ٻه پٽ به وٺي آيو 5 ڄڻن فون تي شاهديون ڏنيون پشاور جي ڪاميٽي شاهديون مرڪزي ڪاميٽي کي اماڻيون جن جائزو وٺڻ بعد انهن شاهدين کي شريعت تي پورو نه لهندڙ قرار ڏنو. بعد ۾ چيئرمين اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون نه مليون ۽ پهرين شوال ڇنڇر 21 مارچ تي ٿيندي ۽ اڄ 20 مارچ جمعي تي 30 هون روزو آهي. ٻئي طرف خطي جي ٻين ملڪن ڀارت، بنگلاديش، انڊو نيشيا، ملائيشيا ۾ به چنڊ نظر نه آيو ۽ اتي به عيد ڇنڇر تي ڪئي ويندي.