چورن سنڌ سيڪريٽريٽ کي به نه بخشيو، ڏينهن ڏٺي جو چوري

جُولاءِ 25, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سيڪريٽريٽ به چورن کان بچي نه سگهيو، سنڌ سيڪريٽريٽ جي بيرڪ نمبر 16 ۾ چور سمورين آفيسن جي ايئرڪنڊينشن جون ٽامي واريون تارون ڪٽي ويا

اينٽي ڪرپشن جي انويسٽيگيشن آفيسر سميت ٻين سرڪاري آفيسن جون اي سي بند ٿي ويون، گرمي سبب آفيسر ۽ عملي آفيس ۾ ويهڻ ئي ڇڏي ڏنو

مڪاني ادارن واري کاتي سميت ٻين سرڪاري آفيسن ۾ چوري جي اها ٽئين واردات سامهون آئي آهي ، جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران چوري جون شڪايتون ملڻ باوجود ڪي قدم نه کنيا ويا

آچر ڏهاڙي موڪل سبب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڏينهن جو چوري جي واردات ٿي، لاڳاپيل عملدارن پاران اڃا تائين ڪي قدم ناهن کنيا ويا

Leave A Comment