| چورن مٿان مور: گهر ۾گهڙيل چور ڦاسي پيو |
غازي آباد (انٽريسٽنگ نيوز) هندستان ۾ هڪ چور فرار ٿيڻ دوران دروازي ۾ ڦاسي پيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب غازي آباد ۾ چوري جي الزام ۾ هڪ بند گهر ۾ داخل ٿيندڙ هڪ شخص فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي دروازي ۾ ڦاسي پيو. شاليمار گارڊن واري علائقي ۾ چور گهر ڏٺو جيڪو بند هو، جنهن کان پوءِ هو گيٽ ۽ لوهي گرل ذريعي اندر داخل ٿيو، پر ٻاهر نڪرندي ئي هو دروازي ۾ ڦاسي پيو. وائرل وڊيو ۾ چور کي دروازي ۾ ڦاٿل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته سندس ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش به ناڪام ثابت ٿي. ماڻهن چور کي ڏٺو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ اهلڪار کيس پوليس اسٽيشن وٺي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر وارن ڪا به شڪايت داخل نه ڪئي ۽ نه ئي ڪا شيءِ چوري ٿي، چور شراب پي رهيو هو ۽ طبي معائني کان پوءِ وارننگ سان آزاد ڪيو ويو.